2.تواريخ 30:9 - Muslim Sindhi Bible9 جيڪڏهن اوهين خداوند آڏو توبهہتائب ٿيندا، تہ هو انهن جي دل ۾ رحم وجھندو جيڪي اوهان جي مائٽن ۽ اوهان جي اولاد کي قيد ڪري وٺي ويا آهن ۽ اهي جلاوطن ٿيل وري هن ملڪ ڏانهن موٽي ايندا. خداوند اوهان جو خدا فضل ۽ رحم وارو آهي. جيڪڏهن اوهين هن آڏو توبهہتائب ٿيندا تہ هو بہ اوهان کان منهن نہ موڙيندو.“ See the chapterSindhi Bible9 ڇالاءِ جو جيڪڏهن اوهين خداوند ڏانهن ڦرندا، تہ اوهانجن ڀائرن ۽ اوهان جي اولاد تي اُهي رحم ڪندا، جي انهن کي قيد ڪري کڻي ويا آهن، ۽ هو وري هن زمين ۾ ايندا: ڇالاءِ جو خداوند اوهان جو خدا فضل ۽ رحم وارو آهي ۽ اوهان کان پنهنجو منهن نہ ڦيرائيندو، بشرطيڪ اوهين هن ڏي موٽندا. See the chapter |