Biblia Todo Logo
Online Bible

- Advertisements -




فلپين 4:5 - Hindu Sindhi Bible

5 اوهين سڀني ماڻهن سان نرم دليءَ سان پيش اچو. اها ڳالهہ نہ وساريو تہ پرڀو يسوع اسان جي ويجھو آهي.

See the chapter Copy

Sindhi Bible

5 شل اوهان جي بردباري سڀني ماڻهن کي معلوم ٿي وڃي. خداوند نزديڪ آهي.

See the chapter Copy

Muslim Sindhi Bible

5 اوهين سڀني ماڻهن سان نرم دليءَ سان پيش اچو. اها ڳالهہ نہ وساريو تہ خداوند عيسيٰ اسان جي ويجھو آهي.

See the chapter Copy

Common Language New Testament

5 اوھان جي بردباري سڀني ماڻھن تي ظاھر ٿئي. خداوند ويجھو آھي.

See the chapter Copy




فلپين 4:5
25 Cross References  

تنهنڪري آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ پنهنجي جان لاءِ ڳڻتي نہ ڪريو تہ ’اسين ڇا کائينداسين يا ڇا پيئنداسين؟‘ ۽ نہ پنهنجي شرير لاءِ تہ ’اسين ڇا پهرينداسين؟‘ ڇا جان کاڌي کان ۽ شرير ڪپڙن کان وڌيڪ اهم نہ آهي؟


سو اوهين سڀاڻي جي ڳڻتي نہ ڪريو، ڇاڪاڻ تہ سڀاڻي جو ڏينهن پنهنجي لاءِ پاڻ ئي ڳڻتي ڪندو. اڄ جي لاءِ اڄ جو ڏک ئي ڪافي آهي.“


”تنهنڪري پاڻ کي سنڀاليو، متان اوهان جون دليون هٻڇ، نشي ۽ هن جيون جي چنتائن ۾ ڦاسي پون ۽ اوچتو ئي اوچتو منش‌پتر جي اچڻ جو اهو ڏينهن اوهان جي مٿان اچي ڪڙڪي.


جيڪو پرڀو يسوع سان پيار نہ ٿو ڪري تنهن تي لعنت هجي. اي اسان جا پرڀو! اچ.


حقيقت ۾ هڪٻئي تي ڪيس ڪرڻ ئي اوهان جي وڏي ناڪامي آهي. اوهين ناانصافي سهڻ ڇو نہ ٿا بهتر سمجھو؟ ڦُرجي وڃڻ ڇو نہ ٿا قبول ڪريو؟


سو جيڪڏهن گوشت کائڻ سان منهنجو ڪو هم‌وشواسي ڀَٽڪي وڃي ٿو تہ آءٌ گوشت ڪڏهن بہ نہ کائيندس، متان آءٌ پنهنجي انهيءَ ڀاءُ ڀيڻ جي ڀَٽڪي وڃڻ جو سبب بڻجان.


هر ڪو پهلوان سڀني ڳالهين ۾ پرهيز ٿو ڪري. اهي تہ ناس ٿيندڙ تاج ملڻ لاءِ ائين ٿا ڪن، پر اسين ابناسي تاج لاءِ.


هاڻي آءٌ پولس، جنهن جي باري ۾ چيو وڃي ٿو تہ آءٌ اوهان جي روبرو بزدل آهيان پر اوهان جي پرپٺ اوهان جي واسطي وڏو دلير آهيان، سو مسيح جي نماڻائيءَ ۽ نرميءَ جو واسطو وجھي اوهان کي منٿ ٿو ڪريان تہ


اوهين ايترو جلدي پنهنجن خيالن ۾ ڊانوانڊول نہ ٿجو، نڪي اوهين پريشان ٿجو جڏهن ماڻهو اهو چون تہ پرڀو يسوع جي موٽي اچڻ وارو ڏينهن اڳي ئي اچي چڪو آهي، توڙي جو هو دعويٰ ڪن تہ اها سڌ پوِتر آتما کان، يا ڪنهن سنديش مان يا وري اسان وٽان آيل ڪنهن خط مان پيئي آهي.


اهي ڪنهن جي بہ گلا نہ ڪن، نہ ئي جھيڙو ڪندڙ ٿين، بلڪ نرم سڀاءُ اختيار ڪندي سڀني ماڻهن سان پوري نماڻائيءَ سان پيش اچن.


اسين پاڻ ۾ گڏ ٿيڻ ڇڏي نہ ڏيون، جيئن ڪن ماڻهن جي عادت آهي. انهيءَ جي بدران اچو تہ هڪٻئي کي همتائيندا رهون، خاص ڪري ان ڳالهہ کي نظر ۾ رکندي تہ پرڀوءَ جي موٽي اچڻ وارو ڏينهن ويجھو ايندو پيو وڃي.


”تمام ٿورو وقت باقي آهي، جو اچڻ وارو ايندو ۽ دير نہ ڪندو.


اهي انهيءَ کوجنا ۾ هئا تہ مسيح جي آتما، جيڪا انهن ۾ هئي تنهن ڪهڙي وقت ۽ حالتن ڏانهن اشارو ڪري اڳڪٿي ٿي ڪئي تہ مسيح تڪليفون سهي مرندو ۽ پوءِ مهانتا حاصل ڪندو.


سنسار جي انت جو وقت ويجھو اچي پهتو آهي. تنهنڪري اوهين پرارٿنا ڪرڻ لاءِ هوشيار ۽ سجاڳ رهو.


جيڪو هنن ڳالهين جي شاهدي ٿو ڏئي، سو چوي ٿو تہ ”بيشڪ، آءٌ جلد اچڻ وارو آهيان.“ آمين. اي پرڀو يسوع! اچ.


جيئن پرڀو يسوع چوي ٿو تہ ”ٻڌو، آءٌ جلد اچڻ وارو آهيان.“ سڀاڳو آهي اهو جيڪو هن شاستر جي ڳالهين مطابق جيون گذاري ٿو.


Follow us:

Advertisements


Advertisements