Biblia Todo Logo
Online Bible

- Advertisements -




فلپين 4:10 - Hindu Sindhi Bible

10 آءٌ پرڀو يسوع ۾ نهايت خوش آهيان، جو اوهان کي منهنجو ساٿ ڏيڻ لاءِ نئين سر ڳڻتي پيدا ٿي. بيشڪ اڳي بہ اوهان کي اهڙي ڳڻتي هئي، پر انهيءَ کي ظاهر ڪرڻ جو گھڻي وقت کان اوهان کي موقعو نہ ٿي مليو.

See the chapter Copy

Sindhi Bible

10 پر آئون خداوند ۾ ڏاڍو خوش ٿو ٿيان، جو نيٺ منهنجي لاءِ اوهان پنهنجو خيال تازو ڪيو آهي؛ بيشڪ اڳي بہ اوهان کي انهي بابت خيال هو، مگر اوهان کي وجهہ نٿي مليو.

See the chapter Copy

Muslim Sindhi Bible

10 آءٌ خداوند عيسيٰ ۾ نهايت خوش آهيان، جو اوهان کي منهنجو ساٿ ڏيڻ لاءِ نئين سر ڳڻتي پيدا ٿي. بيشڪ اڳي بہ اوهان کي اهڙي ڳڻتي هئي، پر انهيءَ کي ظاهر ڪرڻ جو گھڻي وقت کان اوهان کي موقعو نہ ٿي مليو.

See the chapter Copy

Common Language New Testament

10 آءٌ خداوند سان گڏجي ھڪ ٿيڻ جي حالت ۾ نھايت ئي خوش آھيان، جو نيٺ اوھان کي مون لاءِ نئين سر ڳڻتي جاڳي. بيشڪ اڳي بہ اوھان کي اھڙي ڳڻتي ھئي، پر انھيءَ کي ظاھر ڪرڻ جو اوھان کي وجھہ نہ ٿي مليو.

See the chapter Copy




فلپين 4:10
11 Cross References  

جنهن وقت آءٌ اوهان وٽ هئس ۽ ضرورتمند ٿي پيس تڏهن بہ آءٌ ڪنهن تي بار ڪين ٿيس، ڇاڪاڻ تہ مڪدُنيا مان وشواسين اچي منهنجيون سڀ گھرجون پوريون ڪيون. مون هر ڳالهہ ۾ اوهان تي بار وجھڻ کان پاڻ کي روڪيو ۽ آئيندہ بہ روڪيندو رهندس.


سچو سنديش ٻڌائڻ سان ۽ ايشور جي شڪتيءَ سان اسين پاڻ کي ايشور جا سيوڪ ثابت ڪريون ٿا. حملي ڪرڻ توڙي بچاءُ ڪرڻ لاءِ اسان وٽ سچائيءَ جا هٿيار آهن.


تنهنڪري جيتري قدر موقعو ملي تہ اسين سڀني ماڻهن سان نيڪي ڪريون، خاص ڪري انهن سان جيڪي وشواس رکڻ جي وسيلي اسان سان هڪ ئي خاندان ۾ شامل آهن.


جيڪو ايشور جي ڳالهين جي سکيا حاصل ٿو ڪري، تنهن کي گھرجي تہ سکيا ڏيڻ واري کي سڀني چڱين شين ۾ پاڻ سان شريڪ ڪري.


هي خط مون پولس ۽ تيمٿيس جي طرفان آهي، جيڪي مسيح يعني يسوع جا داس آهيون. هي خط وشواسي منڊليءَ جي سنڀاليندڙن ۽ سيوڪن سميت يسوع مسيح ۾ انهن سڀني چونڊي پوِتر ڪيلن ڏانهن لکجي ٿو جيڪي فلپي شهر ۾ رهن ٿا.


جڏهن بہ اوهين ياد اچو ٿا، تڏهن آءٌ پنهنجي ايشور جو شڪر ٿو ڪريان.


ڇاڪاڻ تہ هو مسيح جي سيوا خاطر پنهنجي جان جوکي ۾ وجھي مرڻ تي هو. هن انهيءَ لاءِ ائين ڪيو تہ جيئن اوهان جي غير حاضريءَ سبب منهنجي سيوا ۾ اوهان جي طرفان جيڪا ڪمي رهجي ويئي هئي، تنهن کي هو پورو ڪري.


Follow us:

Advertisements


Advertisements