Biblia Todo Logo
Online Bible

- Advertisements -




فلپين 3:5 - Hindu Sindhi Bible

5 اهو انهيءَ لاءِ آهي جو دستور موجب اٺين ڏينهن تي منهنجو ختنو ٿيو، آءٌ بني اسرائيل قوم جو آهيان، آءٌ انهيءَ جي بنيامين قبيلي مان آهيان، آءٌ عبرانين ۾ پڪو عبراني آهيان ۽ موسيٰ جي نيم تي عمل جي لحاظ کان آءٌ ڪنهن وقت يهودين جي ڪٽر فرقي فريسيءَ مان هئس.

See the chapter Copy

Sindhi Bible

5 جو اٺين ڏينهن منهنجو ختنو ٿيو، ۽ آئون اسرائيل جي قوم ۽ بنيمين جي قبيلي مان آهيان، ۽ عبرانين جو عبراني آهيان، ۽ شريعت جي ڪري فريسي آهيان؛

See the chapter Copy

Muslim Sindhi Bible

5 اهو انهيءَ لاءِ آهي جو دستور موجب اٺين ڏينهن تي منهنجو طهر ٿيو، آءٌ بني اسرائيل قوم جو آهيان، آءٌ انهيءَ جي بنيامين قبيلي مان آهيان، آءٌ عبرانين ۾ پڪو عبراني آهيان ۽ شريعت تي عمل جي لحاظ کان آءٌ ڪنهن وقت يهودين جي ڪٽر فرقي فريسيءَ مان هئس.

See the chapter Copy

Common Language New Testament

5 انھيءَ لاءِ جو اٺين ڏينھن منھنجو طھر ٿيو، آءٌ بني اسرائيل جي قوم ۽ بنيامين جي قبيلي ۾ پيدا ٿيس، آءٌ عبرانين جو پڪو عبراني ۽ شريعت جي لحاظ کان فريسي ھوس.

See the chapter Copy




فلپين 3:5
16 Cross References  

جڏهن ٻار کي ڄائي اٺ ڏينهن گذريا تہ اهي ٻار جي ختني جي رسم لاءِ وري آيا ۽ مرضي هئن تہ هن جو نالو سندس پتا جي نالي پويان زڪرياہ رکيو وڃي.


اٺين ڏينهن تي جڏهن ٻار جي ختني جو وقت آيو تہ سندس نالو يسوع رکيائون، جيڪو هن جي پيٽ ۾ اچڻ کان اڳ ۾ ئي دوت رکيو هو.


تنهنڪري تازي مئي هميشہ نون ساندارن ۾ ڀرڻ گھرجي.


”آءٌ هڪ يهودي آهيان ۽ ڪلڪيا جي شهر ترسس ۾ پيدا ٿيس. آءٌ هتي يروشلم ۾ ئي وڌي وڏو ٿيس ۽ گملي‌ايل وٽان سکيا حاصل ڪئي اٿم. هن مون کي وڏن جي نيم جي بہ مڪمل سکيا ڏني. جهڙيءَ طرح اوهين سڀيئي اڄ ايشور جي لاءِ ڏاڍا سرگرم آهيو، تهڙيءَ طرح آءٌ بہ هوندو هئس.


جڏهن پولس ڏٺو تہ پئنچائت ۾ ڪي صدوقي ۽ ڪي فريسي آهن، تڏهن هن وڏي آواز سان چيو تہ ”اي ڀائرؤ! آءٌ فريسي ۽ فريسين جو اولاد آهيان. هتي مون تي ڪيس هلايو وڃي ٿو، ڇاڪاڻ تہ منهنجو اهو يقين آهي تہ جيڪي مري ويا آهن سي وري جيوت ٿي اٿندا.“


ٿورن ڏينهن کان پوءِ جيئن ئي مسيح تي وشواس آڻيندڙن جو تعداد وڌندو ويو تہ انهن مان يوناني ٻولي ڳالهائيندڙ يهودي عبراني ٻولي ڳالهائيندڙ يهودين جي خلاف ڪُرڪندي شڪايت ڪرڻ لڳا تہ هنن جي وڌوائن کي روزانو کاڌي ورهائڻ وقت گھٽ ڏنو ٿو وڃي.


تنهنڪري آءٌ پڇان ٿو تہ ڇا ايشور پنهنجي قوم کي رد ڪري ڇڏيو آهي؟ نہ، هرگز نہ. ڏسو، آءٌ پاڻ بہ تہ بني اسرائيل مان آهيان. هائو، آءٌ بہ ابرهام جي پيڙهيءَ ۽ بنيامين جي قبيلي مان آهيان.


ڇا هو ئي عبراني آهن؟ آءٌ بہ آهيان. ڇا هو ئي بني اسرائيل آهن؟ آءٌ بہ آهيان. ڇا هو ئي ابرهام جي پيڙهيءَ مان آهن؟ آءٌ بہ آهيان.


Follow us:

Advertisements


Advertisements