Biblia Todo Logo
Online Bible

- Advertisements -




فلپين 3:20 - Hindu Sindhi Bible

20 جڏهن تہ اسين جن جو ديس آڪاش تي آهي، سي وڏي چاهہ سان انهيءَ مڪتي ڏيندڙ، يعني پرڀو يسوع مسيح جي اتان موٽي اچڻ جي انتظار ۾ آهيون.

See the chapter Copy

Sindhi Bible

20 ڇالاءِ جو اسان جو وطن آسمان ۾ آهي؛ جتان اسين هڪڙي نجات ڏيندڙ، يعني خداوند يسوع مسيح جي انتظار ۾ آهيون:

See the chapter Copy

Muslim Sindhi Bible

20 جڏهن تہ اسين جن جو وطن آسمان تي آهي، سي وڏي چاهہ سان انهيءَ ڇوٽڪاري ڏيندڙ، يعني خداوند عيسيٰ مسيح جي اتان موٽي اچڻ جي انتظار ۾ آهيون.

See the chapter Copy

Common Language New Testament

20 پر اسان جو وطن آسمان تي آھي ۽ اسين وڏي چاھہ سان ھڪڙي نجات ڏيندڙ، يعني خداوند عيسيٰ مسيح جي اتان اچڻ جو انتظار ٿا ڪريون.

See the chapter Copy




فلپين 3:20
36 Cross References  

يسوع هن کي چيو تہ ”جيڪڏهن تون ڪامل ٿيڻ گھرين ٿو تہ وڃي پنهنجي سموري ملڪيت وڪڻي اُهي پئسا غريبن ۾ دان ڪر، تڏهن ايشور وٽ تو کي خزانو ملندو. سو دان ڪرڻ کان پوءِ اچي منهنجو پوئلڳ ٿيءُ.“


يسوع ان مثال جو مطلب ٻڌائيندي چيو تہ ”بلڪل ائين ئي انهيءَ ماڻهوءَ سان ڪيو ويندو، جيڪو پاڻ وٽ ڌن دولت تہ ميڙي گڏ ٿو ڪري، پر ايشور وٽ خزانو گڏ نہ ٿو ڪري.“


تہ تون سڀاڳو ٿيندين، ڇاڪاڻ تہ انهن وٽ ڪجھہ بہ ڪونهي جنهن سان تو کي دعوت ڏيئي تنهنجو ٿورو لاهين. پر تو کي قيامت ۾ ان نيڪيءَ جو لاڀ ضرور ملندو.“


انهن چيو تہ ”اي گليليؤ! اوهين آڪاش ڏانهن ڇو ٿا بيٺا نهاريو؟ اهو ئي يسوع، جيڪو اوهان وٽان آڪاش ڏانهن کڄي ويو آهي، سو ساڳيءَ طرح وري موٽي ايندو جيئن اوهان کيس آڪاش ڏانهن ويندي ڏٺو آهي.“


جو اسان جي پرڀو يسوع مسيح جي ظاهر ٿيڻ جي راهہ نهاريندي اوهان ۾ ڪنهن بہ آتمڪ وردان جي ڪمي ڪانہ آهي.


مٽيءَ وارا انهيءَ وانگر ٿين ٿا جيڪو مٽيءَ مان بڻيو ۽ آڪاش وارا انهيءَ وانگر ٿين ٿا جيڪو آڪاش مان آيو.


سو اسين ڏٺل شين تي نہ، پر اڻ‌ڏٺل شين تي نظر ڪريون ٿا، ڇاڪاڻ تہ جيڪي شيون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون سي عارضي آهن ۽ جيڪي نہ ٿيون ڏسجن سي امر آهن.


هاڻ اسان کي هن شرير ۾ پوري خاطري آهي، تنهن هوندي بہ هن شرير واري گھر کي ڇڏي پرڀو يسوع وٽ رهڻ وڌيڪ پسند ڪريون ٿا.


پر ايشور جي شرڻ وارو يروشلم آزاد آهي ۽ اها ئي وسندي اسان جي ماتا سارہ آهي.


تنهنڪري اوهين غير قوم وارا هاڻي ڌاريا ۽ پرديسي نہ رهيا آهيو، بلڪ مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيلن منجھہ شامل ٿي اوهين ايشور جي گھر جا ڀاتي ٿي ويا آهيو.


يسوع مسيح ۾ هئڻ ڪري ايشور اسان کي ساڻس گڏ اٿاريو ۽ آڪاش تي ساڻس گڏ ويهاريائين.


جنهن سان اوهين بهتر ڳالهين کي پرکي وٺو. اهو انهيءَ لاءِ تہ جيئن مسيح جي موٽي اچڻ واري ڏينهن تائين اوهين صاف‌دل ۽ بي‌ڏوهي رهو.


اوهين رڳو هي ڪريو جو پنهنجو روزانو جيون مسيح بابت خوشخبريءَ جي لائق گذاريو. پوءِ آءٌ اچي اوهان سان گڏجان يا نہ، تہ بہ احوال اهو ٻڌان تہ هڪڙي ئي پوِتر آتما ۾ قائم رهندي اوهين هڪ دل ٿي ڪري گڏجي سخت ڪوشش ڪندا ٿا رهو تہ ماڻهن ۾ خوشخبريءَ تي وشواس وڌندو رهي.


اوهان جي انهيءَ وشواس ۽ پيار جو دارومدار انهيءَ اميد تي آهي، جيڪا اوهان لاءِ آڪاش تي مخصوص ٿيل آهي. اوهان ان جو ذڪر اڳي ئي انهيءَ خوشخبريءَ جي سچي سنديش ۾ ٻڌو آهي،


۽ آڪاش مان سندس پٽ جي اچڻ جو انتظار ڪريو، جنهن کي هن مئلن مان جيوت ڪيو. اهو پٽ يسوع ئي آهي، جيڪو اسان کي ايشور جي ايندڙ ڏمر کان بچائي ٿو.


اهو دوتن جي سردار جي آواز سان ۽ ايشور طرفان توتاري وڄڻ سان ٿيندو. ان وقت پرڀو يسوع وڏي واڪي حڪم ڏيندي پاڻ آڪاش مان هيٺ لهندو. تڏهن جيڪي مسيح تي وشواس رکندي مري ويا آهن سي پهريائين جيوت ٿي اٿندا.


هاڻي سچائيءَ جو تاج مون لاءِ رکيل آهي. اهو تاج، پرڀو يسوع، جيڪو انصاف ڪندڙ جج آهي سو عدالت واري ڏينهن تي مون کي پارائيندو، نہ رڳو مون کي بلڪ انهن سڀني کي بہ، جيڪي سندس ظاهر ٿيڻ لاءِ واجھائي رهيا آهن.


ان سان گڏ اسين انهيءَ آسيس ڀري اميد، يعني يسوع مسيح جيڪو اسان جو مهان ايشور ۽ مڪتي ڏيندڙ آهي، تنهن جي شان وَ شوڪت سان ظاهر ٿيڻ جو انتظار ڪريون.


ڏسو، اوهين سينا جبل وٽ اچڻ وارن جيان نہ، پر صيئون جبل تي جيوت ايشور جي شهر وارن جيان ايشور جي شرڻ ۾ آيا آهيو. اتي آڪاشي يروشلم وٽ جشن ملهائيندڙ بي‌شمار دوتن جي محفل آهي.


تهڙيءَ طرح مسيح بہ هڪڙي ئي ڀيري گھڻن ماڻهن جي پاپن کي کڻي وڃڻ لاءِ ٻليدان ٿيو. پر جڏهن هو ٻيهر ظاهر ٿيندو تہ پاپن لاءِ ٻليدان ٿيڻ واسطي نہ، پر انهن کي مڪتي ڏيڻ واسطي ظاهر ٿيندو جيڪي سندس واٽ پيا نهارين.


ڏسو، هو ڪڪرن تي ٿو اچي، هر هڪ اک هن کي ڏسندي. اهي بہ کيس ڏسندا جن هن کي گھاءُ ڏيئي ماريو هو، ۽ کيس ايندو ڏسي خوف وچان ڌرتيءَ جون سڀيئي قومون ڇاتي پٽينديون. هائو، ائين ئي ٿيندو. آمين.


Follow us:

Advertisements


Advertisements