Biblia Todo Logo
Online Bible

- Advertisements -




فلپين 3:18 - Hindu Sindhi Bible

18 ڏسو، گھڻا ئي اهڙا ماڻهو بہ آهن جن بابت اڳ ڪيترائي دفعا مون اوهان کي ٻڌايو آهي ۽ هاڻي وري بہ روئي روئي ٿو چوان تہ اهي اهڙا آهن جن جي هلت چلت مان ظاهر ٿو ٿئي تہ اهي مسيح جي سوليءَ جا دشمن آهن.

See the chapter Copy

Sindhi Bible

18 ڇالاءِ جو جيڪي هلن ٿا، تن مان گهڻيئي مسيح جي صليب جا دشمن آهن، جن جو ذڪر ڪيترائي ڀيرا مون اوهان سان ڪيو آهي، ۽ هاڻي بہ روئي روئي اوهان کي چوان ٿو:

See the chapter Copy

Muslim Sindhi Bible

18 ڏسو، گھڻا ئي اهڙا ماڻهو بہ آهن جن بابت اڳ ڪيترائي دفعا مون اوهان کي ٻڌايو آهي ۽ هاڻي وري بہ روئي روئي ٿو چوان تہ اهي اهڙا آهن جن جي هلت چلت مان ظاهر ٿو ٿئي تہ اهي مسيح جي صليب جا دشمن آهن.

See the chapter Copy

Common Language New Testament

18 ڇالاءِ⁠جو گھڻا ئي اھڙا آھن، جن بابت اڳ ڪيترائي دفعا مون اوھان کي ٻڌايو آھي ۽ ھاڻي وري بہ روئي روئي ٿو چوان تہ اھي پنھنجي ھلت چلت سان مسيح جي صليب جا دشمن آھن.

See the chapter Copy




فلپين 3:18
30 Cross References  

جڏهن يسوع يروشلم جي ويجھو آيو تہ شهر کي ڏسي مٿس رنائين


مون ڏاڍي نماڻائيءَ سان ڳوڙها ڳاڙيندي ۽ يهودين جي سازشن جون مصيبتون سهندي بہ پرڀو يسوع جي سيوا پئي ڪئي آهي.


مون کي ڏاڍو ڏک آهي ۽ منهنجي دل ۾ پنهنجي ڀائرن ڀينرن يعني پنهنجي قوم وارن لاءِ سدائين غم ۽ درد ٿو رهي تہ ڪاش! اهي مڪتي حاصل ڪن. انهيءَ لاءِ آءٌ پاڻ انهن جي خاطر لعنتي بڻجي مسيح کان جدا ٿيڻ لاءِ بہ تيار آهيان.


بيشڪ، سوليءَ جو هي سنديش انهن جي نظر ۾ مورکتا آهي، جيڪي برباد ٿي رهيا آهن. پر اسين جيڪي مڪتي حاصل ڪري رهيا آهيون، تن لاءِ اهو ايشور جي شڪتي آهي.


اوهين اهو نہ ٿا ڄاڻو ڇا تہ ناانصافي ڪندڙ ايشور جي راڄ ۾ داخل ٿيڻ جا حقدار نہ ٿيندا؟ سو پنهنجو پاڻ کي دوکو نہ ڏيو، ڇاڪاڻ تہ حرامڪار، بتن جا پوجاري، زناڪار، بدفعلي ڪرائيندڙ، لونڊي‌باز،


حقيقت ۾ اهڙا ماڻهو سنت نہ، پر ڪوڙا ۽ دغابازيءَ سان ڪم ڪندڙ آهن جيڪي روپ مَٽائي پنهنجو پاڻ کي مسيح جي خوشخبري ٻڌائيندڙ سنتن جهڙو ٿا بڻائين.


ڪنهن کي ڪمزور ڏسي سندس ڪمزوريءَ ۾ آءٌ پاڻ بہ شامل نہ ٿو ٿيان ڇا؟ جڏهن ڪنهن جي ڪري ڪو ماڻهو ڀَٽڪي ويندي ڏسان ٿو تہ ڇا منهنجي دل نہ ٿي سڙي؟


سو مون گھڻي ڏک ۽ دلگيريءَ وچان ڳوڙها وهائيندي وهائيندي اوهان ڏانهن اهو خط لکيو هو. منهنجو مقصد اوهان کي رنج پهچائڻ نہ هو، پر مون چاهيو ٿي تہ اوهين ڄاڻو تہ منهنجو اوهان سان ڪيڏو نہ گھڻو پريم آهي.


جيڪا حقيقت ۾ خوشخبري آهي ئي نہ. ڳالهہ هيءَ آهي تہ ڪي اهڙا ماڻهو آهن جيڪي اوهان ۾ مونجھارو پيدا ڪري مسيح بابت خوشخبريءَ ۾ تبديلي آڻڻ ٿا گھرن.


جڏهن مون ڏٺو تہ اهي خوشخبريءَ جي سچائيءَ موجب سنئين راهہ تي نہ ٿا هلن، تڏهن مون انهن سڀني جي اڳيان پطرس کي چيو تہ ”جيتوڻيڪ تون يهودي آهين تڏهن بہ غير يهودين وانگر ٿو گذارين، نڪي يهودين وانگر. تہ پوءِ تون ڪيئن غير يهودين کي زور ٿو ڀرين تہ هو يهودين وانگر گذارين؟“


مطلب تہ آءٌ ايشور جي ڪرپا کي هٿان نہ ٿو وڃايان، ڇاڪاڻ تہ سچائي جيڪڏهن نيم جي وسيلي ملي ها تہ پوءِ مسيح جو مرڻ اجايو ٿئي ها.


ڪينو، نشي‌بازي، عياشي ۽ ٻيا اهڙا ڪم. انهن بابت جيئن اڳي بہ مون اوهان کي خبردار ڪيو هو، تيئن هاڻي بہ خبردار ٿو ڪريان تہ جيڪي اهڙا ڪم ڪن ٿا سي ايشور جي راڄ ۾ داخل ٿيڻ جا حقدار ڪين ٿيندا.


جيڪي ماڻهو مان جي لائق هئڻ جو ڏيکاءُ ڪن ٿا، سي اوهان کي ختنو ڪرائڻ لاءِ مجبور ڪري رهيا آهن. هو رڳو انهيءَ لاءِ ائين ڪن ٿا تہ جيئن مسيح جي سوليءَ واري سکيا جي ڪري ستايا نہ وڃن.


پر ايشور نہ ڪري جو آءٌ ڪنهن ٻيءَ ڳالهہ تي فخر ڪريان، سواءِ پنهنجي پرڀو يسوع مسيح جي سوليءَ جي. هن جي سوليءَ واري موت سان سنسار منهنجي لاءِ مري چڪو آهي ۽ آءٌ سنسار جي لاءِ.


جيئن تہ اسين پرڀو يسوع جا آهيون، تنهنڪري آءٌ اوهان کي تاڪيد ڪندي چوان ٿو تہ اوهين غير قومن واري غلط رستي کي ڇڏي اڳتي سندن اجاين خيالن موجب جيون نہ گذاريو.


هر اها پرارٿنا، جيڪا اوهان سڀني لاءِ ٿو ڪريان سا هميشہ خوشيءَ سان ڪندو آهيان،


سو انهيءَ ڳالهہ ۾ ڪوبہ وشواسي پنهنجي ڪنهن هم‌وشواسيءَ سان زيادتي يا ٺڳي ڪندي سندس گھر تي بري نظر نہ رکي. جيئن تہ اسان اڳي ئي اوهان کي ٻڌايو ۽ خبردار ڪيو آهي تہ پرڀو اهڙن سڀني پاپن جي سزا ڏيندو.


تنهن هوندي بہ اسين ٻڌون ٿا تہ اوهان مان ڪي ماڻهو اجايو وقت ٿا وڃائين. اهي پاڻ تہ ڪوبہ ڪم ڪونہ ٿا ڪن، بلڪ ٻين جي ڪمن ۾ دخل ٿا ڏين.


خاص ڪري انهن کي جيڪي شرير جي برين خواهشن جي پٺيان لڳي ايشور جي اختياريءَ کي ڪين جهڙو ٿا سمجھن. ساڳئي نموني ڪوڙي سکيا ڏيندڙ بہ اهڙا تہ بي‌ادب ۽ هٺيلا آهن جو آڪاشي هستين جو اپمان ڪرڻ کان بہ نہ ٿا ڊڄن.


اِهي سمنڊ جون بي‌قابو ڇوليون آهن، جيڪي پنهنجي بي‌شرميءَ جي گَج ٿيون اڇلائين. هو آڪاش جا ڀَٽڪندڙ تارا آهن، جن لاءِ هميشہ گھُگھُہ اونداهي رکي ويئي آهي.


Follow us:

Advertisements


Advertisements