Biblia Todo Logo
Online Bible

- Advertisements -




فلپين 3:16 - Hindu Sindhi Bible

16 بهرحال اسان کي رڳو ايترو ڪرڻو آهي تہ جنهن حد تائين اسين سمجھون ٿا، تنهن موجب جيون گذاريون.

See the chapter Copy

Sindhi Bible

16 اسان کي رڳو هيترو ڪرڻ کپي تہ جنهن منزل تائين پهتا آهيون، انهيءَ تي هلندا هلون.

See the chapter Copy

Muslim Sindhi Bible

16 بهرحال اسان کي رڳو ايترو ڪرڻو آهي تہ جنهن حد تائين اسين سمجھون ٿا، تنهن موجب زندگي گذاريون.

See the chapter Copy

Common Language New Testament

16 پر اسان کي رڳو ايترو ڪرڻ کپي تہ جنھن منزل تائين پھتا آھيون، تنھن موجب ھلندا ھلون.

See the chapter Copy




فلپين 3:16
14 Cross References  

پاڻ ۾ ايڪو ڪريو. اوهين مغرور نہ ٿيو، بلڪ غريبن سان دوستي رکو. پنهنجو پاڻ کي داناءُ نہ سمجھو.


سو ثابت قدمي بخشيندڙ ۽ حوصلو ڏيندڙ ايشور شل اوهان کي هيءَ شڪتي ڏئي جو اوهين يسوع مسيح جي پيروي ڪندي پاڻ ۾ هڪ دل ٿي رهو،


اوهين تہ وشواس جي ڊوڙ چڱيءَ طرح ڊوڙي رهيا هئا. پوءِ اهي ڪير ٿيندا آهن جيڪي اوهان کي سچ جي پيرويءَ کان روڪين ٿا؟


جيڪي بہ انهيءَ اصول تي هلن ٿا، حقيقت ۾ اهي ئي ايشور جي قوم بني اسرائيل آهن، تن تي شل ديا ۽ شانتي هجي.


اوهين رڳو هي ڪريو جو پنهنجو روزانو جيون مسيح بابت خوشخبريءَ جي لائق گذاريو. پوءِ آءٌ اچي اوهان سان گڏجان يا نہ، تہ بہ احوال اهو ٻڌان تہ هڪڙي ئي پوِتر آتما ۾ قائم رهندي اوهين هڪ دل ٿي ڪري گڏجي سخت ڪوشش ڪندا ٿا رهو تہ ماڻهن ۾ خوشخبريءَ تي وشواس وڌندو رهي.


تہ پوءِ منهنجي هيءَ خوشي پوري ڪريو تہ هڪ دل ٿيو، هڪجهڙو پريم رکو، هڪ جان ٿيو ۽ هم‌خيال رهو.


آءٌ ڀيڻ يوئوديا ۽ ڀيڻ سنتخي ٻنهي کي وينتي ٿو ڪريان تہ پرڀو يسوع جون هئڻ ڪري هڪ دل ٿي رهن.


سو جيئن تہ اوهان يسوع مسيح کي پنهنجو پرڀو ڪري قبول ڪيو آهي، تنهنڪري انهيءَ ۾ جيون گذاريندا رهو.


پرارٿنا ۾ سجاڳ رهو ۽ شڪرگذاري ڪندي انهيءَ ۾ مگن رهو.


تنهنڪري پنهنجو اهو جذبو ياد ڪريو جيڪو اوهان کي سنديش قبول ڪرڻ وقت هو. انهيءَ سکيا تي عمل ڪريو ۽ توبهہ‌تائب ٿيو. جيڪڏهن اوهين سجاڳ نہ ٿيندا تہ آءٌ چور وانگر ايندس. هائو، اوهان کي سڌ ئي ڪانہ پوندي تہ آءٌ ڪهڙي وقت اچي اوهان جي مٿان ڪڙڪندس.


Follow us:

Advertisements


Advertisements