Biblia Todo Logo
Online Bible

- Advertisements -




فلپين 2:26 - Hindu Sindhi Bible

26 آءٌ کيس انهيءَ ڪري واپس موڪليان ٿو جو اوهان سڀني جي ڏاڍي سڪ اٿس، بلڪ هو بي‌چين ٿو رهي، ڇاڪاڻ تہ اوهان سندس بيماريءَ بابت ٻڌو هو.

See the chapter Copy

Sindhi Bible

26 هن کي اوهان سڀني جي ڏاڍي سڪ هئي، ۽ اوهان سندس بيماريءَ جي خبر ٻُڌي هئي، تنهنڪري هو ڏاڍو بي آرام ٿي رهيو.

See the chapter Copy

Muslim Sindhi Bible

26 آءٌ کيس انهيءَ ڪري واپس موڪليان ٿو جو اوهان سڀني جي ڏاڍي سڪ اٿس، بلڪ هو بي‌قرار ٿو رهي، ڇاڪاڻ تہ اوهان سندس بيماريءَ بابت ٻڌو هو.

See the chapter Copy

Common Language New Testament

26 ھن کي اوھان سڀني جي ڏاڍي سڪ آھي ۽ بي⁠قرار ٿو رھي، ڇالاءِ⁠جو اوھان سندس بيماريءَ بابت ٻڌو ھو.

See the chapter Copy




فلپين 2:26
23 Cross References  

اي اوهين سڀ جيڪي ڳرا بار کڻي ٿڪجي پيا آهيو! مون وٽ اچو، آءٌ اوهان کي آرام ڏيندس.


هو پطرس سان گڏ زبديءَ جي ٻن پٽن يعقوب ۽ يوحنا کي پاڻ سان وٺي ويو. اتي هو ڏاڍو غمگين ۽ پريشان ٿيڻ لڳو.


پر هن جواب ڏنو تہ ”اوهين روئي رڙي منهنجي دل ڇو ٿا ڀڃو؟ آءٌ يروشلم ۾ نہ رڳو پرڀو يسوع جي واسطي ٻڌجڻ لاءِ، بلڪ اتي مرڻ لاءِ بہ تيار آهيان.“


مون کي اوهان سان ملڻ جي ڏاڍي تمنا آهي، انهيءَ لاءِ تہ منهنجي وسيلي اوهان کي ڪا آتمڪ بخشش ملي، جنهن سان اوهين پنهنجي وشواس ۾ وڌيڪ مضبوط ٿيو.


خوشي ڪرڻ وارن سان گڏجي خوشي ڪريو ۽ جيڪي روئن تن سان گڏجي روئو.


مون کي ڏاڍو ڏک آهي ۽ منهنجي دل ۾ پنهنجي ڀائرن ڀينرن يعني پنهنجي قوم وارن لاءِ سدائين غم ۽ درد ٿو رهي تہ ڪاش! اهي مڪتي حاصل ڪن. انهيءَ لاءِ آءٌ پاڻ انهن جي خاطر لعنتي بڻجي مسيح کان جدا ٿيڻ لاءِ بہ تيار آهيان.


جيڪڏهن هڪڙي عضوي کي تڪليف رسي ٿي تہ سڀني عضون کي انهيءَ سان گڏ تڪليف ٿي رسي ۽ جيڪڏهن هڪڙي عضوي کي خاص مان ملي ٿو تہ انهيءَ سان گڏ سڀ خوشي ڪن ٿا.


ان کان علاوہ اوهان تي ايشور جي انهيءَ مهان ڪرپا کي ڏسي هو اوهان لاءِ ڏاڍي چاهت سان پرارٿنا ڪندا.


اوهين هڪٻئي جا بار کڻو، اهڙيءَ طرح اوهين مسيح جي نيم کي پورو ڪندا.


تنهنڪري آءٌ وينتي ٿو ڪريان تہ جيڪي مصيبتون اوهان جي خاطر سهان ٿو تن جي ڪري بي‌همت نہ ٿيو، ڇاڪاڻ تہ منهنجيون اهي مصيبتون اوهان لاءِ فخر جو سبب آهن.


جڏهن بہ اوهين ياد اچو ٿا، تڏهن آءٌ پنهنجي ايشور جو شڪر ٿو ڪريان.


ڏسو، ايشور منهنجو شاهد آهي تہ يسوع مسيح جي پريت جهڙي اوهان سڀني لاءِ ڪيڏي نہ سڪ اٿم.


هن وقت آءٌ اهو ضروري ٿو سمجھان تہ اِپفروديتس کي واپس اوهان ڏانهن موڪليان، جيڪو مسيح ۾ منهنجو ڀاءُ، ساٿي سيواداري ۽ ساٿي سپاهي آهي. هي اوهان جو نياپو پهچائيندڙ بہ آهي، جنهن کي اوهان منهنجي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ سيوڪ طور مون ڏانهن موڪليو هو.


هو ايتري قدر بيمار هو جو مرڻ تي هو. پر ايشور مٿس ديا ڪئي، نہ رڳو هن تي پر مون تي بہ، جو مون کي ڏک پٺيان ڏک کان بچايائين.


تنهنڪري اي منهنجا پيارا ڀائرو ۽ ڀينرون! اوهين، جن جو آءٌ سڪايل آهيان ۽ جيڪي منهنجي خوشي ۽ تاج آهيو، سي اي پريميؤ! پرڀو يسوع ۾ انهيءَ طرح ئي قائم رهو.


انهيءَ ڳالهہ جي ڪري اوهين گھڻي خوشي ٿا ڪريو، جيتوڻيڪ في‌الحال ٿوري وقت لاءِ اوهان کي طرح طرح جي آزمائشن سبب ڏک ڏسڻا ٿا پون.


Follow us:

Advertisements


Advertisements