Biblia Todo Logo
Online Bible

- Advertisements -




فلپين 1:22 - Hindu Sindhi Bible

22 جيئن تہ هن شرير ۾ جيوت رهڻ ئي منهنجي انهيءَ سيوا واري ڪم لاءِ فائديمند آهي، تنهن هوندي بہ آءٌ نہ ٿو ڄاڻان تہ ڇا کي پسند ڪريان.

See the chapter Copy

Sindhi Bible

22 پر جي جسم ۾ جيئري رهڻ ڪري منهنجي محنت مان ڦل پيدا ٿو ٿئي، تہ مون کي خبر ناهي تہ ڇا پسند ڪريان.

See the chapter Copy

Muslim Sindhi Bible

22 جيئن تہ هن جسم ۾ جيئرو رهڻ ئي منهنجي انهيءَ خدمت واري ڪم لاءِ فائديمند آهي، تنهن هوندي بہ آءٌ نہ ٿو ڄاڻان تہ ڇا کي پسند ڪريان.

See the chapter Copy

Common Language New Testament

22 پر جيڪڏھن ھن جسم ۾ جيئرو رھان تہ آءٌ چڱو ڪم ڪري سگھان ٿو. تنھن ھوندي بہ آءٌ نہ ٿو ڄاڻان تہ ڇا کي پسند ڪريان.

See the chapter Copy




فلپين 1:22
14 Cross References  

اي ڀائرو ۽ ڀينرون! هاڻي آءٌ ڄاڻان ٿو تہ اوهان ۽ اوهان جي اڳواڻن جيڪي ڪجھہ يسوع سان ڪيو، سو اڻ‌ڄاڻائيءَ جي ڪري ڪيو.


اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! اوهان کي سڌ هئڻ گھرجي تہ مون ڪيترائي دفعا اوهان ڏانهن اچڻ جو ارادو ڪيو هو، پر هيستائين ڪنهن نہ ڪنهن ڳالهہ جي ڪري اچي نہ سگھيس. منهنجي مرضي آهي تہ جيئن منهنجو ڪم غير قومن جي ٻين ماڻهن ۾ وڌيو ويجھيو آهي، تيئن اوهان ۾ بہ وڌي ويجھي.


ايشور پنهنجي انهيءَ قوم کي ڪيئن رد ڪندو، جنهن کي شروع کان ئي هن پنهنجو ٿي ڄاتو! ڇا اوهين نہ ٿا ڄاڻو تہ پوِتر شاستر ۾ ايشور جو سنديش ڏيندڙ سنت ايلياہ جي باري ۾ ڇا لکيل آهي؟ ايلياہ بني اسرائيل جي خلاف ايشور آڏو فرياد ڪندي چوي ٿو تہ


جيتوڻيڪ اسين سنسار ۾ رهون ٿا، تنهن هوندي بہ سنساري نيت سان نہ ٿا وڙهون،


هاڻ جيئن تہ آءٌ مسيح سان گڏ سوليءَ تي چاڙهيو ويو آهيان، سو آءٌ جيوت نہ رهيو آهيان، پر مسيح مون ۾ جيوت آهي. هاڻي جيڪو جيون آءٌ هن شرير ۾ گذاريان ٿو سو ايشور جي پٽ تي وشواس رکڻ ڪري گذاري رهيو آهيان، جنهن مون سان پيار ڪيو ۽ منهنجي لاءِ پنهنجي جان ڏيئي ڇڏي.


آءٌ ٻنهي ڳالهين جي وچ ۾ منجھي پيو آهيان. منهنجي خواهش تہ اها آهي تہ هن سنسار کي ڇڏي وڃي مسيح سان رهان، ڇاڪاڻ تہ اهو سڀ کان بهتر آهي.


پر منهنجو شرير ۾ رهڻ اوهان جي خاطر وڌيڪ ضروري آهي.


آءٌ چاهيان ٿو تہ اوهين ڄاڻي وٺو تہ اوهان لاءِ، اوهان جي ڀر واري شهر لوديڪيا ۾ رهندڙن لاءِ ۽ انهن سڀني لاءِ جن ذاتي طور مون کي نہ ڏٺو آهي، آءٌ ڪيتري قدر سخت جدوجهد ٿو ڪريان.


اڳتي هو پنهنجو باقي جيون هن پاپي سنسار جي انساني خواهشن موجب نہ، پر ايشور جي مرضيءَ موجب گذاريندو.


Follow us:

Advertisements


Advertisements