Biblia Todo Logo
Online Bible

- Advertisements -




فلپين 1:17 - Hindu Sindhi Bible

17 پر ٻيا سچيءَ نيت سان نہ، بلڪ ساڙ جي ڪري انهيءَ خيال سان مسيح جو پرچار ٿا ڪن تہ جيئن منهنجي لاءِ قيد ۾ وڌيڪ مصيبت پيدا ٿئي.

See the chapter Copy

Sindhi Bible

17 پر ٻيا تفرقي جي ڪري مسيح جي منادي ٿا ڪن، نہ سچيءَ نيت سان، بلڪ انهي خيال سان تہ منهنجي قيد ۾ مون لاءِ مصيبت پيدا ڪن.

See the chapter Copy

Muslim Sindhi Bible

17 پر ٻيا سچيءَ نيت سان نہ، بلڪ حسد جي ڪري انهيءَ خيال سان مسيح جي منادي ٿا ڪن تہ جيئن منهنجي لاءِ قيد ۾ وڌيڪ مصيبت پيدا ٿئي.

See the chapter Copy

Common Language New Testament

17 پر ٻيا ذاتي لالچ جي ڪري مسيح جي منادي ٿا ڪن، سچيءَ نيت سان نہ ، بلڪ انھيءَ خيال سان تہ منھنجي لاءِ قيد ۾ وڌيڪ مصيبت پيدا ڪن.

See the chapter Copy




فلپين 1:17
16 Cross References  

تنهنڪري پنهنجين دلين ۾ پڪو ارادو ڪريو تہ اوهين پنهنجي بچاءَ ۾ جواب ڏيڻ لاءِ اڳ ۾ ڪابہ ڳڻتي نہ ڪندا،


”اي ڀائرو ۽ وڏڙؤ! ٻڌو، هاڻي آءٌ اوهان کي پنهنجي صفائيءَ ۾ ڪجھہ چوان ٿو.“


تڏهن اگرپا پولس کي چيو تہ ”تو کي آگيا آهي تہ تون پنهنجي پاران ڪجھہ چئُہ.“ پولس هٿ جو اشارو ڪندي پنهنجي صفائيءَ ۾ هي بيان ڏنو تہ


جيئن ئي پولس هن نموني پنهنجي صفائي پيش ڪري رهيو هو تہ فيستس وڏي واڪي چيس تہ ”پولس تون ديوانو آهين. گھڻو پڙهي پڙهي تون چريو ٿي پيو آهين.“


پر جيڪي مطلبي آهن ۽ سچ کي نہ پر ڪوڙ کي ٿا مڃين، تن تي ايشور جو ڏمر ۽ قهر پرگھٽ ٿيندو.


پر اها ڪا وڏي ڳالهہ ناهي. وڏي ڳالهہ هيءَ آهي تہ مسيح جو پرچار هر طرح سان ٿئي ٿو، پوءِ ڪو اها بري نيت سان ڪري ٿو يا سچيءَ نيت سان. انهيءَ سبب آءٌ خوش آهيان. هائو، آءٌ اڃا بہ خوش رهندس،


سو اهو مناسب آهي تہ آءٌ اوهان سڀني جي باري ۾ خوش رهان، ڇاڪاڻ تہ اوهين منهنجي دل ۾ موجود آهيو ۽ ايشور جي ڪرپا ۾ مون سان شريڪ آهيو، نہ رڳو هن وقت جڏهن آءٌ قيد ۾ آهيان بلڪ مخالفن آڏو خوشخبريءَ کي سچو ثابت ڪرڻ ۽ قبول ڪندڙن اڳيان ان جو پرچار ڪرڻ وقت بہ.


ذاتي لالچ ۽ اجائي هٺ کان ڪجھہ بہ نہ ڪريو، پر نماڻائيءَ سان هر ڪو ٻئي کي پاڻ کان بهتر سمجھي.


انهيءَ شاهديءَ جو پرچار ڪندڙ ۽ خوشخبري ٻڌائيندڙ سنت مون کي مقرر ڪيو ويو، انهيءَ لاءِ تہ آءٌ غير قومن کي سکيا ڏيان تہ جيئن اهي وشواس آڻي سچائيءَ کي ڄاڻي وٺن. آءٌ سچ ٿو چوان، ڪوڙ نہ ٿو ڳالهايان.


اها خوشخبري ٻڌائڻ جي ڪري ئي آءٌ تڪليفون ٿو سهان، ايتري قدر جو ڪنهن ڏوهاريءَ وانگر قيد ۾ پيو آهيان. پر ايشور جي سنديش کي قيد ڪري نہ ٿو سگھجي.


ڪورٽ ۾ صفائي پيش ڪرڻ واري منهنجي پهرين حاضريءَ تي ڪنهن بہ منهنجو ساٿ نہ ڏنو، بلڪ سڀني مون کي ڇڏي ڏنو. شل ايشور کانئن انهيءَ جو حساب نہ وٺي.


Follow us:

Advertisements


Advertisements