Biblia Todo Logo
Online Bible

- Advertisements -




فلپين 1:10 - Hindu Sindhi Bible

10 جنهن سان اوهين بهتر ڳالهين کي پرکي وٺو. اهو انهيءَ لاءِ تہ جيئن مسيح جي موٽي اچڻ واري ڏينهن تائين اوهين صاف‌دل ۽ بي‌ڏوهي رهو.

See the chapter Copy

Sindhi Bible

10 تہ جيڪي تمام عمديون ڳالهيون آهن، سي اوهين سمجهي پسند ڪريو؛ تہ مسيح جي ڏينهن تائين صاف دل ۽ بيڏوهي رهو،

See the chapter Copy

Muslim Sindhi Bible

10 جنهن سان اوهين بهتر ڳالهين کي پرکي وٺو. اهو انهيءَ لاءِ تہ جيئن مسيح جي موٽي اچڻ واري ڏينهن تائين اوهين صاف‌دل ۽ بي‌ڏوهي رهو.

See the chapter Copy

Common Language New Testament

10 تہ جيئن اوھين چڱين ڳالھين کي سمجھي پسند ڪريو ۽ مسيح جي موٽي اچڻ واري ڏينھن تائين صاف⁠دل ۽ بي⁠ڏوھي رھو.

See the chapter Copy




فلپين 1:10
43 Cross References  

يسوع ڦري پطرس کي چيو تہ ”اي شيطان! منهنجي اکين اڳيان ٽري وڃ. تون منهنجي راهہ ۾ رڪاوٽ ٿو بڻجين، ڇاڪاڻ تہ تون ايشور جي مرضيءَ مطابق نہ پر ماڻهن وانگر ٿو سوچين.“


تنهن تي پطرس ڳالهايو ۽ يسوع کي چيائين تہ ”توڙي جو ٻيا سڀ اوهان کي ڇڏي وڃن، تڏهن بہ آءٌ اوهان کي هرگز ڇڏي نہ ويندس.“


جڏهن يسوع نٿن‌ايل کي پاڻ ڏانهن ايندي ڏٺو، تڏهن سندس بابت چيائين تہ ”ڏسو، هي بني اسرائيل جو سچو ماڻهو اٿوَ. هن ۾ ڪابہ ڏنگائي ڪانہ آهي.“


جيڪو بہ بڇڙا ڪم ڪري ٿو سو روشنيءَ کان نفرت ڪري ٿو ۽ روشنيءَ ڏانهن نہ ٿو اچي، متان سندس بڇڙا ڪم روشنيءَ ۾ پڌرا ٿي پون.


تنهنڪري آءٌ هميشہ اها ڪوشش ڪندو رهندو آهيان تہ ايشور توڙي ماڻهن جو ڪو قصور نہ ڪريان، جو متان منهنجو ضمير مون تي ڦٽڪار ڪري.


پاڻ کي هن انتم زماني جو نمونو اختيار ڪرڻ نہ ڏيو، بلڪ ايشور جي ڏنل نئين سوچ سمجھہ جي وسيلي پاڻ ۾ ايشور کي تبديلي ڪرڻ ڏيو. پوءِ اوهين سمجھي سگھندا تہ ايشور جي چڱي، وڻندڙ ۽ ڪامل مرضي ڪهڙي آهي.


پيار ۾ پاکنڊپائي نہ هئڻ گھرجي. اوهين بڇڙائيءَ کان نفرت ڪريو ۽ نيڪيءَ سان دل لڳايو.


آخر ۾ اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ اوهان کي تاڪيد ٿو ڪريان تہ جيڪا سکيا اوهان کي ملي آهي تنهن جي خلاف جيڪي ڏڦيڙ وجھن ٿا ۽ ماڻهن کي ڀَٽڪائين ٿا، تن کي نظر ۾ رکجو ۽ کانئن پري رهجو.


ايشور جي نيم جي سکيا مان اوهين سمجھي ٿا وٺو تہ ايشور جي مرضي ڪهڙي آهي ۽ ڪهڙا ڪم ۽ رستا صحيح آهن.


جيڪڏهن آءٌ اهي ڪم ڪريان ٿو جيڪي حقيقت ۾ آءٌ ڪرڻ نہ ٿو گھران تہ انهيءَ مان ظاهر آهي تہ آءٌ قبول ٿو ڪريان تہ نيم چڱو آهي.


منهنجي دل تہ ايشور جي نيم مان خوش آهي،


انهيءَ جو سبب هي آهي تہ انساني فطرت واري سوچ ايشور جي دشمن آهي، ڇاڪاڻ تہ اها نہ ايشور جي حڪمرانيءَ جي وس هيٺ آهي، نڪي ٿي سگھي ٿي.


اسان جو پرڀو يسوع مسيح اوهان کي پڇاڙيءَ تائين وشواس ۾ قائم بہ رکندو، انهيءَ لاءِ تہ جيئن اوهين سندس اچڻ واري ڏينهن تي بي‌الزام قرار ڏنا وڃو.


اوهين ڪنهن جي بہ ڀَٽڪڻ جو سبب نہ بڻجو، توڙي جو اهي يهودي هجن يا غير قوم وارا يا ايشور جي منڊلي.


سو جيڪڏهن گوشت کائڻ سان منهنجو ڪو هم‌وشواسي ڀَٽڪي وڃي ٿو تہ آءٌ گوشت ڪڏهن بہ نہ کائيندس، متان آءٌ پنهنجي انهيءَ ڀاءُ ڀيڻ جي ڀَٽڪي وڃڻ جو سبب بڻجان.


اسين صاف ضمير سان فخر ڪندي چئي سگھون ٿا تہ ايشور کان مليل پوِترتائيءَ ۽ سچائيءَ سان اسان جيون گذاريو آهي. اهڙو ورتاءُ اسان سنسار ۾ ۽ خاص ڪري اوهان سان ڪيو آهي. اسان ائين سنساري ڏاهپ موجب نہ، بلڪ ايشور جي ڪرپا موجب ڪيو آهي.


ڪوبہ نہ. تنهن هوندي بہ اسين انهن گھڻن ماڻهن وانگر نہ آهيون، جيڪي پنهنجي فائدي لاءِ مسيح بابت ايشور جي سنديش جو غلط استعمال ڪن ٿا. پر اسين ايشور کي حاضر ڄاڻيندي ايشور جي طرفان ۽ دل جي سچائيءَ سان مسيح ۾ ڳالهايون ٿا.


اسين ڪنهن بہ صورت ۾ ٿاٻڙجڻ جو موقعو نہ ٿا ڏيون، متان اسان جي سيوا تي ڪو الزام اچي.


آءٌ اهو اوهان کي حڪم ڏيندي نہ ٿو چوان، پر انهيءَ لاءِ چوان ٿو تہ ٻين جي سرگرميءَ جو مثال ڏيندي اوهان جي پريم جي سچائيءَ کي آزمايان.


جيڪڏهن اڃا تائين آءٌ اهو پرچار ڪريان ٿو تہ ختنو ڪرائڻ ضروري آهي، تہ پوءِ اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ ڇو ٿو ستايو وڃان؟ جيڪڏهن ائين آهي تہ پوءِ سوليءَ وارو منهنجو پرچار ڪنهن لاءِ بہ ٺوڪر جو سبب نہ رهيو.


پر اٽلندو اسين پيار جي جذبي سان سچ تي هلي سڀني ڳالهين ۾ وڌندي پوري نموني مسيح سان گڏجي هڪ ٿيون، جيڪو منڊليءَ جو مٿو آهي.


اهڙو جيون گذاريندي اوهين پرکيندا رهو تہ پرڀو يسوع کي ڪهڙي ڳالهہ پسند آهي.


هن جو مقصد هو تہ هڪڙي اهڙي شاندار منڊلي پنهنجي اڳيان پيش ڪري، جنهن تي ڪوبہ داغ يا گھنج يا اهڙي ڪا ٻي شيءِ نہ هجي، بلڪ اها پوِتر ۽ بي‌عيب هجي.


شل انهن سڀني تي ڪرپا ٿيندي رهي، جيڪي اسان جي پرڀو يسوع مسيح سان امر پريم رکن ٿا.


نيڪ نيتيءَ وارا پريم جي ڪري ائين ٿا ڪن. اهي ڄاڻن ٿا تہ آءٌ مسيح بابت خوشخبريءَ کي سچو ثابت ڪرڻ لاءِ مقرر ٿيل آهيان.


مون کي انهيءَ ڳالهہ جو يقين آهي تہ ايشور جيڪو چڱو ڪم اوهان ۾ شروع ڪيو آهي، سو يسوع مسيح جي موٽي اچڻ واري ڏينهن تائين پورو ڪندو.


۽ انهن منجھہ جيون جي سنديش تي قائم رهو. اوهين انهن سڀني ڳالهين تي عمل ڪندا رهو، تہ جيئن آءٌ مسيح جي موٽي اچڻ واري ڏينهن تي فخر ڪري سگھان تہ منهنجي ڊڪ ڊوڙ ۽ محنت اجائي نہ ٿي.


ائين هو اوهان جي دلين کي اهڙو مضبوط ڪري جو جڏهن هو اچي ۽ پنهنجي سڀني چونڊي پوِتر ڪيلن سان گڏ هجي، تڏهن اسان جي ايشور پتا جي آڏو اوهين پوِتر ۽ بي‌عيب قرار ڏنا وڃو.


سڀني ڳالهين کي پرکيو، جيڪا چڱي هجي تنهن کي اختيار ڪريو


شل شانتي بخشيندڙ ايشور اوهان کي مڪمل طور پوِتر ڪري. شل هو اوهان جي آتما، جان ۽ شرير کي پوريءَ طرح محفوظ رکي، تہ جيئن اسان جي پرڀو يسوع مسيح جي اچڻ وقت اوهين بي‌عيب قرار ڏنا وڃو.


اي پريميؤ! جيڪي دعويٰ ٿا ڪن تہ هو ايشور جي پوِتر آتما طرفان ٿا ڳالهائين، تن سڀني کي پرکڻ کان سواءِ مٿن وشواس نہ ڪريو. هائو، انهن کي پرکي ڏسو تہ منجھن ايشور جي آتما آهي يا نہ، ڇاڪاڻ تہ ڪيترائي اهڙا ماڻهو سنسار ۾ نڪري پيا آهن، جيڪي پاڻ کي سنديش ڏيندڙ سنت سڏائين ٿا.


”مون کي اوهان جي عملن، يعني اوهان جي سخت محنت ۽ ثابت قدميءَ جي ڄاڻ آهي ۽ اهو بہ ڄاڻان ٿو تہ اوهين بڇڙائي ڪندڙن کي برداشت ڪري نہ ٿا سگھو. جيڪي پاڻ کي خوشخبري ٻڌائيندڙ سنت ٿا سڏائين پر آهن ڪين، تن کي اوهان آزمائي ڏٺو تہ اهي ڪوڙا نڪتا.


Follow us:

Advertisements


Advertisements