Biblia Todo Logo
Online Bible

- Advertisements -




فلپين 1:1 - Hindu Sindhi Bible

1 هي خط مون پولس ۽ تيمٿيس جي طرفان آهي، جيڪي مسيح يعني يسوع جا داس آهيون. هي خط وشواسي منڊليءَ جي سنڀاليندڙن ۽ سيوڪن سميت يسوع مسيح ۾ انهن سڀني چونڊي پوِتر ڪيلن ڏانهن لکجي ٿو جيڪي فلپي شهر ۾ رهن ٿا.

See the chapter Copy

Sindhi Bible

1 مسيح يسوع جي بندن پولس ۽ تيمٿيس جي طرفان مسيح يسوع جي انهن سڀني پاڪ ٿيلن ڏانهن، جي فلپي ۾ آهن، نگهبانن (بشپن) ۽ خادمن ڊيڪنن سميت:

See the chapter Copy

Muslim Sindhi Bible

1 هي خط مون پولس ۽ تيمٿيس جي طرفان آهي، جيڪي مسيح يعني عيسيٰ جا ٻانها آهيون. هي خط ڪليسيا جي نگهبانن ۽ خادمن سميت عيسيٰ مسيح ۾ انهن سڀني چونڊي پاڪ ڪيلن ڏانهن لکجي ٿو جيڪي فلپي شهر ۾ رهن ٿا.

See the chapter Copy

Common Language New Testament

1 ھي خط عيسيٰ مسيح جي ٻانھن، پولس ۽ تيمٿيس جي طرفان آھي، جيڪو نگھبانن ۽ خادمن سميت فلپي شھر ۾ رھندڙ عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيل سڀني ايمان وارن ڏانھن لکجي ٿو.

See the chapter Copy




فلپين 1:1
48 Cross References  

منش‌پتر جو موٽي اچڻ انهيءَ ماڻهوءَ وانگر آهي جيڪو پرديس تي ويو هجي ۽ گھر مان نڪرڻ مهل پنهنجي نوڪرن کي اختياري ڏيئي هر هڪ کي پنهنجو پنهنجو ڪم سونپي ويو هجي، بلڪ دربان کي بہ حڪم ڏيئي ويو هجي تہ ’سجاڳ رهجانءِ.‘


جيڪو منهنجي سيوا ڪرڻ چاهي سو منهنجي پيروي ڪري، تہ جيئن جتي آءٌ آهيان اتي منهنجو سيواداري بہ هجي. منهنجو پتا انهيءَ کي مان ڏيندو جيڪو منهنجي سيوا ڪندو.“


پطرس وڌيڪ چين تہ ”انهيءَ بابت زبور ۾ لکيل آهي تہ ’شل انهيءَ جو گھر ويران ٿئي، ۽ منجھس ڪوبہ نہ رهي.‘ هي بہ لکيل آهي تہ ’شل ڪو ٻيو هن جو جاءِنشين ٿئي.‘


اوهين پاڻ سان گڏ انهيءَ سڄي ڌڻ جي سنڀال ڪجو، جنهن لاءِ پوِتر آتما اوهان کي ڌنار مقرر ڪيو آهي. سو ايشور جي انهيءَ منڊليءَ کي سنڀاليندا رهجو، جيڪا هن پنهنجي پٽ جي رت سان خريد ڪئي آهي.


پر حننياہ چيس تہ ”اي پرڀو! ڪيترن ئي ماڻهن مون کي انهيءَ شخص بابت ٻڌايو آهي تہ هن تو تي وشواس رکندڙن سان يروشلم ۾ ڪيڏيون نہ جٺيون ڪيون آهن.


هي خط مون پولس جي طرفان آهي، جيڪو مسيح يعني يسوع جو داس آهيان. ايشور مون کي سنت ڪري چونڊيو آهي ۽ پنهنجي خوشخبري ٻڌائڻ لاءِ مخصوص ڪيو اٿس.


هي خط اوهان سڀني ڏانهن آهي، جيڪي روم شهر ۾ ايشور جا پيارا آهيو ۽ مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيا ويا آهيو. شل اوهان تي اسان جي پتا ايشور ۽ پرڀو يسوع مسيح جي ڪرپا ۽ شانتي هجي.


جيڪڏهن تيمٿيس اوهان وٽ پهچي تہ سندس خيال رکجو تہ جيئن هو اوهان سان بي‌ڊپو ٿي رهي، ڇاڪاڻ تہ مون وانگر هو بہ پرميشور جي سيوا جو ڪم پيو ڪري.


هي خط مون پولس، جيڪو ايشور جي مرضيءَ سان مسيح يعني يسوع جو خوشخبري ٻڌائيندڙ سنت آهيان ۽ اسان جي ڀاءُ تيمٿيس جي طرفان لکجي ٿو. هي خط ڪرنٿس شهر ۾ ايشور جي منڊليءَ بلڪ اخيا صوبي جي پوري علائقي ۾ رهندڙ سڀني مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيلن ڏانهن آهي.


آءٌ ائين چئي ماڻهن کي راضي ڪرڻ جي ڪوشش نہ ٿو ڪريان، پر ايشور کي راضي ڪرڻ چاهيان ٿو. ڇا اوهين سمجھو ٿا تہ آءٌ ماڻهن کي خوش ڪرڻ ٿو گھران؟ جيڪڏهن هن مهل تائين ماڻهن کي خوش ڪندو رهان ها تہ جيڪر مسيح جو داس نہ هجان ها.


انهيءَ جو سبب هي آهي تہ يسوع مسيح تي وشواس آڻڻ جي وسيلي اوهين سڀيئي ايشور جا ٻار بڻجي ويا آهيو.


سو جيئن تہ اوهين سڀيئي يسوع مسيح جا ٿي ويا آهيو، تنهنڪري اوهان ۾ يهودي يا غير يهودي، غلام يا آزاد ۽ مرد يا ناريءَ جي الڳ سڃاڻپ نہ رهي آهي.


هي خط مون پولس جي طرفان آهي، جيڪو ايشور جي مرضيءَ سان مسيح يعني يسوع جو خوشخبري ٻڌائيندڙ سنت آهيان. هي خط اِفسس شهر ۾ رهندڙ اوهان مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيلن ڏانهن لکجي ٿو، جيڪي يسوع مسيح جا وفادار پوئلڳ آهيو.


اهو ئي سبب آهي جو پرڀو يسوع تي اوهان سڀني جي مضبوط وشواس ۽ مسيح ۾ سڀني چونڊي پوِتر ڪيلن لاءِ اوهان جي پيار بابت ٻڌي


شل انهن سڀني تي ڪرپا ٿيندي رهي، جيڪي اسان جي پرڀو يسوع مسيح سان امر پريم رکن ٿا.


مون کي اميد آهي تہ پرڀو يسوع جي مرضيءَ سان آءٌ تيمٿيس کي جلد اوهان ڏانهن موڪليندس، تہ جيئن هن کان هڪٻئي جو حال احوال ٻڌي اوهان سان گڏ مون کي بہ دلجاءِ ٿئي.


اوهين اهڙو ئي سڀاءُ رکو جهڙو يسوع مسيح جو هو.


آءٌ ائين نہ ٿو چوان تہ اهو سڀ ڪجھہ حاصل ڪري ورتو اٿم، يا آءٌ ڪامل ٿي چڪو آهيان، پر انهيءَ مقصد کي هٿ ڪرڻ جي اميد رکي اڳتي ڊوڙندو ٿو وڃان، جنهن لاءِ يسوع مسيح مون کي هٿ ڪيو آهي.


ياد رکو تہ حقيقي ختنو ڪرايل اسين آهيون، جيڪي ايشور جي پوِتر آتما جي مرضيءَ سان جيون گذاريون ٿا، يسوع مسيح تي فخر ڪريون ٿا ۽ شرير وارين ڳالهين تي وشواس نہ ٿا رکون.


سچ تہ يسوع مسيح جيڪو منهنجو پرڀو آهي، تنهن کي ڄاڻڻ واري مهان خوبيءَ جي ڀيٽ ۾ آءٌ هر هڪ شيءِ کي نقصان برابر ٿو سمجھان. هن جي خاطر مون سڀني شين تان هٿ کنيو آهي ۽ انهن کي گند ٿو سمجھان، تہ جيئن آءٌ مسيح کي حاصل ڪريان


هي خط مون پولس سان گڏ سيلاس ۽ تيمٿيس جي طرفان ٿِسلُنيڪي شهر جي وشواسي منڊليءَ ڏانهن لکجي ٿو، جيڪا ايشور پتا ۽ پرڀو يسوع مسيح جي آهي. شل اوهان تي ڪرپا ۽ شانتي هجي.


اوهين ڄاڻو ٿا تہ اوهان وٽ اچڻ کان اڳ فلپي شهر ۾ اسان ڪيڏيون نہ تڪليفون سٺيون ۽ ڪيئن نہ اسان جو اپمان ڪيو ويو. پر ايشور اسان کي همت ڏني جو سخت مخالفت جي باوجود اسان اوهان وٽ اچي بنا ڪنهن خوف جي مسيح بابت خوشخبري ٻڌائي.


هي خط مون پولس، سيلاس ۽ تيمٿيس جي طرفان ٿِسلُنيڪي شهر جي وشواسي منڊليءَ ڏانهن لکجي ٿو، جيڪا اسان جي پتا ايشور ۽ پرڀو يسوع مسيح جي آهي.


مسيح جي اچڻ واري انهيءَ ڏينهن تي مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيل، يعني مٿس وشواس رکندڙ سڀ سندس شڪتي ڏسي حيران ٿي ويندا ۽ سندس مهما ڪندا. انهن ۾ اوهين بہ شامل هوندا، ڇاڪاڻ تہ اوهان اسان جي شاهديءَ تي وشواس آندو آهي.


هي خط تو تيمٿيس ڏانهن لکان ٿو، جيڪو وشواس رکڻ جي لحاظ کان منهنجو سچو پٽ آهين. شل تو تي ايشور پتا ۽ اسان جي پرڀو يسوع مسيح جي ڪرپا، ديا ۽ شانتي هجي.


ساڳيءَ طرح منڊليءَ جا سيوڪ بہ مانائتي ڪردار وارا هجن. اهي ٻِہ‌چاپڙا، نشئي ۽ لالچي نہ هجن.


هي خط مون پولس جي طرفان آهي، جيڪو ايشور جو داس ۽ يسوع مسيح جو خوشخبري ٻڌائيندڙ سنت آهيان. آءٌ انهيءَ ڪري مقرر ڪيو ويو آهيان تہ جيئن وشواس ۾ مضبوط رهڻ لاءِ ايشور جي چونڊيلن جي رهنمائي ڪريان ۽ کين انهيءَ سچائيءَ جي پوريءَ طرح ڄاڻ ڏيان، جيڪا ڌرمچاريءَ جو رستو ٿي ڏيکاري.


انهيءَ جو سبب هي آهي تہ سنڀاليندڙ کي جيئن تہ منڊليءَ ۾ ايشور جي وس هيٺ ذميواري سونپي ويئي آهي، تنهن لاءِ لازمي آهي تہ هن تي ڪا تهمت نہ هجي. هو نہ هٺيلو هجي، نہ چيڙاڪ، نہ نشئي هجي، نہ مار ڪٽ ڪندڙ ۽ نہ وري لالچي هجي.


هي خط مون پولس، جيڪو مسيح يعني يسوع جي خاطر قيد ٿيل آهيان ۽ اسان جي ڀاءُ تيمٿيس جي طرفان آهي. هي خط تو فليمون ڏانهن موڪلجي ٿو جيڪو اسان جو پيارو ۽ ساٿي سيواداري آهين.


آءٌ اوهان کي ٻڌائڻ ٿو چاهيان تہ اسان جي وشواسي ڀاءُ تيمٿيس کي آزاد ڪيو ويو آهي. جيڪڏهن هو جلد مون وٽ آيو تہ هو بہ مون سان گڏ اچي اوهان سان ملندو.


هي خط ايشور ۽ پرڀو يسوع مسيح جي داس مون يعقوب جي طرفان اوهان هنڌ هنڌ پکڙيل ماڻهن ڏانهن آهي، جيڪي ايشور جا چونڊيل آهيو. آءٌ اوهان کي نمسڪار ٿو چوان.


هائو، اڳي اوهين ڀَٽڪيل رڍن وانگر هئا پر هاڻي پنهنجين آتمائن جي ڌنار ۽ سنڀاليندڙ وٽ موٽي آيا آهيو.


هي خط مون شمعون پطرس جي طرفان آهي، جيڪو يسوع مسيح جو داس ۽ سندس خوشخبري ٻڌائيندڙ سنت آهيان. هي خط انهن ڏانهن ٿو لکجي، جن کي اسان جي ايشور ۽ مڪتي ڏيندڙ، يعني يسوع مسيح جي سچائيءَ جي وسيلي اسان جهڙو قيمتي وشواس حاصل ٿيو آهي.


هي خط مون يهوداہ جي طرفان آهي، جيڪو يسوع مسيح جو داس ۽ يعقوب جو ڀاءُ آهيان. هي انهن ڏانهن لکجي ٿو، جيڪي ايشور پتا جي پيار ۽ يسوع مسيح جي سنڀال هيٺ رهڻ لاءِ سڏيا ويا آهن.


هن شاستر ۾ انهن ڳالهين جو بيان آهي، جيڪي يسوع مسيح ظاهر ڪيون. اها آڪاش‌واڻي ايشور هن کي انهيءَ لاءِ ڏني تہ هو پنهنجي داسن کي اهي ڳالهيون ڏيکاري جيڪي جلد ٿيڻ واريون آهن. مسيح پنهنجي دوت جي وسيلي پنهنجي داس يوحنا تي اهي ڳالهيون ظاهر ڪيون.


اهي ست تارا جيڪي تون منهنجي ساڄي هٿ ۾ ڏسين ٿو، تن جو ۽ ستن سونن شمعدانن جو ڀيد هي آهي تہ ست تارا ستن منڊلين جا دوت آهن ۽ ست شمعدان ست منڊليون آهن.“


تڏهن آءٌ هن جي اڳيان سيس نوائڻ لاءِ سندس پيرن تي ڪري پيس. پر هُن مون کي چيو تہ ”خبردار، متان ائين ڪرين! رڳو ايشور آڏو ئي سيس نواءِ! آءٌ تہ تو وانگر ۽ تنهنجي ڀائرن ڀينرن وانگر سيوا ڪرڻ وارو آهيان جيڪي سڀ يسوع بابت شاهدي ڏيڻ تي قائم آهيون، ڇاڪاڻ تہ يسوع بابت شاهدي ئي ايشور جي سنديش جو نچوڙ آهي.“


هن مون کي پرگمن واري وشواسي منڊليءَ جي دوت ڏانهن اهو لکڻ لاءِ چيو تہ جنهن وٽ ٻِہ‌منهين تکي تلوار آهي سو تنهنجي منڊليءَ وارن کي فرمائي ٿو تہ


هن مون کي سمرنا واري وشواسي منڊليءَ جي دوت ڏانهن اهو لکڻ لاءِ چيو تہ جيڪو شروعات ۽ پڇاڙي آهي، جيڪو مري ويو هو ۽ وري جيوت ٿيو، سو تنهنجي منڊليءَ وارن کي فرمائي ٿو تہ


پر هن چيو تہ ”خبردار، متان ائين ڪرين! رڳو ايشور آڏو ئي سيس نواءِ! آءٌ تہ تو وانگر، ٻين سنديش ڏيندڙن وانگر ۽ هن شاستر جي ڳالهين تي عمل ڪرڻ وارن وانگر سيوا ڪرڻ وارو آهيان.“


Follow us:

Advertisements


Advertisements