مڪاشفو 16:9 - Common Language New Testament9 اھي سخت تپش جي ڪري ڏاڍا سڙي پيا ۽ خدا جي نالي خلاف ڪفر بڪڻ لڳا، جيڪو انھن آفتن تي اختيار رکي ٿو. پوءِ بہ انھن توبھہ نہ ڪئي ۽ نہ ئي سندس واکاڻ ڪيائون. Viz kapitolaSindhi Bible9 ۽ هو ڏاڍا سڙي ويا؛ ۽ خدا، جنهن کي انهن آفتن تي اختيار آهي، تنهن جي نالي تي ڪفر بڪڻ لڳا، ۽ توبهہ ڪري سندس تمجيد ظاهر نہ ڪيائون. Viz kapitolaHindu Sindhi Bible9 سخت تپش جي ڪري ماڻهو ڏاڍا سڙي پيا. تنهن هوندي بہ انهن توبهہ نہ ڪئي جو ايشور، جيڪو انهن آفتن تي اختيار رکي ٿو، تنهن ڏانهن ڦري سندس مهانتا ڪن. اٽلندو هو سندس نندا ڪرڻ لڳا. Viz kapitolaMuslim Sindhi Bible9 سخت تپش جي ڪري ماڻهو ڏاڍا سڙي پيا. تنهن هوندي بہ انهن توبهہ نہ ڪئي جو خدا، جيڪو انهن آفتن تي اختيار رکي ٿو، تنهن ڏانهن ڦري سندس تعظيم ڪن. اٽلندو هو سندس خلاف ڪفر بڪڻ لڳا. Viz kapitola |