متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 21:15 - Common Language New Testament15 جڏھن سردار ڪاھنن ۽ شريعت جي عالمن اھي عجب جھڙا ڪم ڏٺا جيڪي ھن پئي ڪيا ۽ ٻارن کي ”دائود جو پٽ مبارڪ، مبارڪ “چوندي ٻڌائون تہ اُھي اچي ڪاوڙيا. Viz kapitolaSindhi Bible15 پر جيڪي عجب جهڙا ڪم پئي ڪيائين، سي جڏهن سردار ڪاهنن ۽ فقيهن ڏٺا، ۽ انهن ٻارن کي ڏٺائون، جن هيڪل ۾ رڙيون ڪري پئي چيو تہ هوشعنا ابن دائود کي، تڏهن کين ڏاڍي چڙ لڳي. Viz kapitolaHindu Sindhi Bible15 جڏهن سردار ڪاهنن ۽ نيم شاسترين يسوع جا اهي عجب جهڙا ڪم ڏٺا، جيڪي هن پئي ڪيا ۽ اتي ٻارن کي هي نعرا هڻندي ٻڌائون تہ ”راجا دائود جي پٽ جي مهما هجي،“ تڏهن اُهي اچي ڪاوڙيا. Viz kapitolaMuslim Sindhi Bible15 جڏهن سردار ڪاهنن ۽ شريعت جي عالمن عيسيٰ جا اهي عجب جهڙا ڪم ڏٺا، جيڪي هن پئي ڪيا ۽ اتي ٻارن کي هي نعرا هڻندي ٻڌائون تہ ”دائود جي پٽ جي واکاڻ هجي،“ تڏهن اُهي اچي ڪاوڙيا. Viz kapitola |