Online Bible

- Reklamy -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 2:16 - Common Language New Testament

16 جڏھن ھيروديس ڏٺو تہ نجومين ساڻس ٺڳي ڪئي آھي، تڏھن ڏاڍو اچي ڪاوڙيو. ھن حڪم ڏنو تہ ”بيت⁠لحم ۽ ان جي پسگردائيءَ ۾ جيڪي⁠بہ ٻن سالن کان ننڍا يا ٻن سالن جا ٻار ھجن تن سڀني کي ماري ڇڏيو،“ ڇوتہ ھن کي اھو وقت ياد ھو جڏھن نجومين کيس تاري جي ظاھر ٿيڻ بابت ٻڌايو ھو.

Viz kapitola kopírovat

Sindhi Bible

16 پوءِ جڏهن هيروديس ڏٺو تہ مجوسين مون سان ٺڳي ڪئي آهي تڏهن ڏاڍو اچي ڪاوڙيو، ۽ انهن مجوسين کان جو وقت پڇي پڪو ڪري ڇڏيو هئائين، تنهن موجب بيت الحم ۾ ۽ ان جي آس پاس وارين حدن ۾، جيڪي ڇوڪر ٻن ورهين جا ۽ انهي کان ننڍا هئا، تن سڀني کي ماڻهو موڪلي مارائي ڇڏيائين.

Viz kapitola kopírovat

Hindu Sindhi Bible

16 جڏهن هيروديس ڏٺو تہ جوتشين ساڻس ٺڳي ڪئي آهي، تڏهن ڏاڍو اچي ڪاوڙيو. هن حڪم ڏنو تہ ”بيت‌لحم ۽ ان جي پسگردائيءَ ۾ انهن سڀني ڇوڪرن کي ماري ڇڏيو، جن جي عمر ٻن سالن تائين هجي،“ ڇو تہ عمر بابت هن کي اهو وقت ياد هو جڏهن جوتشين کيس تاري جي ظاهر ٿيڻ بابت ٻڌايو هو.

Viz kapitola kopírovat

Muslim Sindhi Bible

16 جڏهن هيروديس ڏٺو تہ نجومين ساڻس ٺڳي ڪئي آهي، تڏهن ڏاڍو اچي ڪاوڙيو. هن حڪم ڏنو تہ ”بيت‌لحم ۽ ان جي پسگردائيءَ ۾ انهن سڀني ڇوڪرن کي ماري ڇڏيو، جن جي عمر ٻن سالن تائين هجي،“ ڇو تہ عمر بابت هن کي اهو وقت ياد هو جڏهن نجومين کيس تاري جي ظاهر ٿيڻ بابت ٻڌايو هو.

Viz kapitola kopírovat




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 2:16

Následuj nás:

Reklamy


Reklamy