Online Bible

- Reklamy -




عبرانين 10:1 - Common Language New Testament

1 حقيقت ۾ شريعت اچڻ وارين چڱين شين جو رڳو پاڇو آھي، انھن جي اصلي صورت ناھي. تنھنڪري سال⁠بسال جيڪي ساڳيون ئي قربانيون ھميشہ ڪيون وڃن ٿيون، تن جي وسيلي اھا شريعت خدا ڏانھن ويجھو ايندڙ ماڻھن کي ڪڏھن بہ ڪامل نہ ٿي ڪري سگھي.

Viz kapitola kopírovat

Sindhi Bible

1 ڇالاءِ جو شريعت انهن اچڻ وارين نعمتن جو عڪس آهي، نہ سندين اصلي صورت، تنهنڪري سال بسال جيڪي ساڳيون قربانيون هميشہ ڪرڻ ۾ ٿيون اچن، تن جي وسيلي ماڻهن کي ڪامل ڪري نٿي سگهي.

Viz kapitola kopírovat

Hindu Sindhi Bible

1 ڏسو، نيم آئندہ ملڻ وارين چڱين شين جو رڳو پاڇو آهي، اهو انهن حقيقي شين جو اصلي روپ ناهي. تنهنڪري نيم مطابق هر سال ساڳيا ئي ٻليدان پيش ڪندو رهڻ سان اهو نيم ڀڳتي ڪندڙن کي ڪڏهن بہ ايشور وٽ ڪامل نہ ٿو ڪري سگھي.

Viz kapitola kopírovat

Muslim Sindhi Bible

1 ڏسو، شريعت آئندہ ملڻ وارين چڱين شين جو رڳو پاڇو آهي، اها انهن حقيقي شين جي اصلي صورت ناهي. تنهنڪري شريعت مطابق هر سال ساڳيون ئي قربانيون پيش ڪندو رهڻ سان اها شريعت عبادت ڪندڙن کي ڪڏهن بہ خدا وٽ ڪامل نہ ٿي ڪري سگھي.

Viz kapitola kopírovat




عبرانين 10:1

Následuj nás:

Reklamy


Reklamy