متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 8:8 - Sindhi Bible8 پوءِ صوبيدار ورندي ڏيئي چيو تہ اي خداوند، آئون انهيءَ لائق نہ آهيان تہ تون منهنجي پکي هيٺ اچين، پر تون رڳو واتان کڻي ڪلام ڪڍ، تہ منهنجو نوڪر ڇُٽي چڱو ڀلو ٿي پوندو. Viz kapitolaHindu Sindhi Bible8 پر فوجي صوبيدار وينتي ڪيس تہ ”اي سوامي! آءٌ انهيءَ لائق نہ آهيان جو اوهين منهنجي گھر اچو. اوهين هتان ئي رڳو حڪم ڪريو تہ منهنجو نوڪر خوش ٿي پوندو. Viz kapitolaMuslim Sindhi Bible8 پر فوجي صوبيدار عرض ڪيس تہ ”اي سائين! آءٌ انهيءَ لائق نہ آهيان جو اوهين منهنجي گھر اچو. اوهين هتان ئي رڳو حڪم ڪريو تہ منهنجو نوڪر خوش ٿي پوندو. Viz kapitolaCommon Language New Testament8 تڏھن فوجي صوبيدار عرض ڪيو تہ ”سائين! آءٌ انھيءَ لائق نہ آھيان جو اوھين منھنجي جھوپڙيءَ ۾ اچو. رڳو حڪم ڪريو تہ منھنجو نوڪر خوش ٿي پوندو. Viz kapitola |