متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 23:13 - Sindhi Bible13 پر افسوس آهي اوهان لاءِ، اي فقيهو ۽ فريسيو، رياڪارو! ڇالاءِ جو اوهين آسمان جي بادشاهت ماڻهن لاءِ بند ڪري ٿا ڇڏيو، جو نڪي اوهين پاڻ ٿا اندر وڃو، نڪي جيڪي اندر وڃن ٿا، تن کي گهڙڻ ٿا ڏيو. Viz kapitolaHindu Sindhi Bible13-14 ”ڪيڏي نہ مصيبت آهي اوهان لاءِ اي نيم شاستريو ۽ فريسيؤ! اي پاکنڊيؤ! اوهين آڪاش جي راڄ جو دروازو ماڻهن لاءِ بند ڪري ٿا ڇڏيو. نہ اوهين پاڻ ان ۾ داخل ٿا ٿيو ۽ نہ وري جيڪي اندر داخل ٿيڻ جي ڪوشش ٿا ڪن تن کي ئي اچڻ ڏيو ٿا. Viz kapitolaMuslim Sindhi Bible13-14 ”ڪيڏي نہ مصيبت آهي اوهان لاءِ اي شريعت جا عالمؤ ۽ فريسيؤ! اي رياڪارؤ! اوهين آسمان جي بادشاهيءَ جو دروازو ماڻهن لاءِ بند ڪري ٿا ڇڏيو. نہ اوهين پاڻ ان ۾ داخل ٿا ٿيو ۽ نہ وري جيڪي اندر داخل ٿيڻ جي ڪوشش ٿا ڪن تن کي ئي اچڻ ڏيو ٿا. Viz kapitolaCommon Language New Testament13-14 ”ڪيتري نہ مصيبت آھي اوھان لاءِ اي شريعت جا عالمو ۽ فريسيو! اي رياڪارو! اوھين آسمان واري بادشاھت جو دروازو ماڻھن لاءِ بند ڪري ٿا ڇڏيو. نہ اوھين پاڻ ان ۾ داخل ٿا ٿيو ۽ نڪي جيڪي اندر داخل ٿيڻ جي ڪوشش ٿا ڪن تن کي ئي اچڻ ڏيو ٿا. Viz kapitola |