يرمياہ 40:5 - Sindhi Bible5 هاڻي جڏهن اڃا هو موٽي نہ ويو هو، تڏهن هن چيس تہ موٽي جدلياہ بن اخيقام، بن سافن، ڏي وڃ، جنهن کي بابل جي بادشاهہ يهوداہ جي شهرن تي حاڪم مقرر ڪيو آهي، ۽ اُنهي سان گڏ قوم منجهہ رهہ: يا ٻيو جتي بہ توکي مناسب نظر اچي اُتي وڃ. پوءِ پهري وارن جي سردارن هنن کي کاڌو ۽ انعام ڏيئي روانو ڪري ڇڏيو. Viz kapitolaMuslim Sindhi Bible5 آءٌ اڃا اتان روانو ئي نہ ٿيو هئس تہ نبوزرادان مون کي وڌيڪ چيو تہ ”چڱو تہ ائين آهي جو تون موٽي جِدلياہ ولد اخيقام ولد سافن وٽ وڃ، جنهن کي بابل جي بادشاهہ يهوداہ جي شهرن تي گورنر مقرر ڪيو آهي. تون پنهنجي قوم منجھہ ئي وٽس وڃي رهہ، يا جتي تو کي وڻي اتي وڃي رهہ.“ پوءِ انهيءَ سالار مون کي کاڌو ۽ سوکڙيون ڏيئي روانو ڪيو. Viz kapitola |