يرمياہ 32:44 - Sindhi Bible44 ماڻهو پئسن تي ٻنيون خريد ڪندا، ۽ دستاويزن تي صحيح ڪندا، ۽ اُنهن تي مهرون هڻندا ۽ شاهدي ڏيندا؛ جهڙو بنيمين جي زمين ۾، تهڙو يروشلم جي آس پاس ۽ يهوداہ جي شهر ۾: جهڙو ڪوهستان جي شهرن ۾، تهڙو نشيب واري زمين ۽ ڏکڻ جي شهرن ۾: ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ هنن جا قيدي موٽائيندس. Viz kapitolaMuslim Sindhi Bible44 پئسن سان ٻنيون خريد ڪيون وينديون، دستاويزن تي صحيحون ٿينديون، انهن تي مهرون لڳنديون ۽ شاهدن جون شاهديون لکبيون. جهڙو بنيامين جي علائقي ۾، تهڙو يروشلم جي آسپاس ۽ يهوداہ جي ٻين شهرن ۾، جهڙو جابلو علائقي ۾ تهڙو هيٺاهين زمين ۾ ۽ ڏکڻ وارن شهرن ۾ ائين ئي ٿيندو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ پنهنجي قوم کي سندن وطن ۾ موٽائي آڻي خوشحال ڪندس. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“ Viz kapitola |