يسعياہ 45:18 - Sindhi Bible18 ڇالاءِ جو خداوند جنهن آسمان پيدا ڪيا، اهو ئي خدا آهي؛ هن زمين جوڙي ۽ تيار ڪئي؛ هن انهيءَ کي قائم ڪيو، هن انهيءَ کي ويران نہ پيدا ڪيو، بلڪ رهڻ جي لاءِ انهي کي جوڙيائين: هو فرمائي ٿو تہ آءٌ خداوند آهيان؛ ٻيو ڪوبہ ڪونهي. Viz kapitolaMuslim Sindhi Bible18 بيشڪ خداوند، جنهن آسمان پيدا ڪيا آهن، سو ئي خدا آهي. هن ئي ڌرتي جوڙي تيار ڪئي آهي، ۽ انهيءَ کي هميشہ لاءِ قائم ڪيو اٿس. هن انهيءَ کي ويران ڪرڻ لاءِ نہ، بلڪ آباد ڪرڻ لاءِ جوڙيو آهي. سو ئي خداوند فرمائي ٿو تہ ”آءٌ ئي خداوند آهيان، ۽ مون کان سواءِ ٻيو ڪوبہ ڪونهي. Viz kapitola |