خروج 34:15 - Sindhi Bible15 ائين نہ ٿئي جو تون انهي ملڪ جي رهاڪن سان ڪو عهد ڪرين، ۽ هو پنهنجن معبودن جي پيروي ڪندي، زناڪاري ڪن، ۽ پنهنجن ديوتائن جي لاءِ قرباني چاڙهين، ۽ منجهانئن ڪو توکي سڏي ۽ تون انهن جي قربانيءَ مان ڪي کائين؛ Viz kapitolaMuslim Sindhi Bible15 خبردار، اوهان انهيءَ ملڪ جي رهاڪن سان ڪو عهد نہ ڪجو. انهيءَ سبب جو جڏهن اهي پنهنجن معبودن جي پٺيان لڳي بدڪاري ڪن ۽ پنهنجن ديوتائن جي لاءِ قرباني ڪن، تہ متان انهن مان ڪو اوهان کي دعوت ڏئي ۽ اوهين انهن جي قربانيءَ منجھان ڪجھہ کائو. Viz kapitola |