خروج 12:27 - Sindhi Bible27 تڏهن اوهين چئجو تہ هيءَ انهيءَ خداوند جي لاءِ فسح جي قرباني آهي، جو مصر ۾ بني اسرائيل جي گهرن وٽان لنگهي ويو، جنهن وقت هن مصرين کي ماريو ۽ اسان کي ڇڏي ڏنائين. تڏهن ماڻهن ڪنڌ جهڪائي سجدو ڪيو. Viz kapitolaMuslim Sindhi Bible27 تڏهن اوهين کين ٻڌائجو تہ ’هيءَ خداوند واسطي فصح جي قرباني آهي، ڇاڪاڻ تہ هو مصر ۾ مصرين کي ماريندي وقت اسان بني اسرائيل جي گھرن وٽان لنگھي ويو ۽ اسان کي ڇڏي ڏنائين.‘“ تڏهن بني اسرائيل جي ماڻهن زمين تي جھڪي خداوند آڏو سجدو ڪيو. Viz kapitola |