شريعت جو دور 19:6 - Sindhi Bible6 انهي لاءِ تہ متان انهي خون جي وير وٺڻ وارو دل جي جوش کان انهي خونيءَ جي پٺيان پوي، ۽ پنڌ پري هئڻ جي ڪري رستي ۾ جهليس، ۽ ڌڪ هڻي ماري وجهيس؛ جيتوڻيڪ اهو شخص موت جي لائق نہ آهي، ڇو جو اڳي انهي سان ڪابہ دشمني ڪانہ هيس. Viz kapitolaMuslim Sindhi Bible6 ائين نہ ٿئي تہ رڳو هڪڙو ئي شهر هجي. پوءِ خون جو بدلو وٺڻ وارو پنهنجي دل جي جوش کان خونيءَ جي پٺيان پوي ۽ پنڌ پري هئڻ جي ڪري وڃي رستي ۾ پڪڙي کيس ڌڪ هڻي ماري وجھي، جيتوڻيڪ اهو شخص موت جي لائق نہ آهي، ڇوجو اڳي سندن پاڻ ۾ ڪابہ دشمني ڪانہ هئي. Viz kapitola |