دانيال 11:6 - Sindhi Bible6 ۽ سالن جي پڇاڙيءَ ۾ هو سڀ پاڻ ۾ گڏجي پوندا؛ ۽ ڏکڻ واري بادشاهہ جي ڌيءَ ٻڌي ڪرڻ لاءِ، اُتر واري بادشاهہ وٽ ايندي: پر هوءَ پنهنجي ٻانهن جو زور قابو نہ رکندي؛ نڪي هوءَ بيهي سگهندي، ۽ نہ سندس ٻانهن؛ پر هوءَ حوالي ڪئي ويندي، ۽ جن کيس آندو ۽ جنهن کيس ڄڻيو هو، ۽ جنهن انهي وقت هن کي زور وٺايو هو، سي بہ حوالي ڪيا ويندا. Viz kapitolaMuslim Sindhi Bible6 ڪن سالن گذرڻ کان پوءِ مصر جو بادشاهہ شام جي بادشاهہ سان اتحاد ڪندو ۽ انهيءَ کي پنهنجي ڌيءَ پرڻائي ڏيندو. پر اهو اتحاد جٽاءُ نہ ڪندو، ڇو تہ اها عورت پنهنجي مڙس، ٻارن ۽ ساڻس گڏ آيل خدمتگارن سميت قتل ڪئي ويندي ۽ ان بادشاهہ جو نسل ئي ختم ٿي ويندو. Viz kapitola |