سنتن جا ڪم 12:20 - Sindhi Bible20 هاڻي هيروديس صور ۽ صيدون جي ماڻهن تي ڏاڍو ڪاوڙيل هو؛ ۽ اُهي پاڻ ۾ صلاح ڪري وٽس آيا، ۽ بلاسطس، جو بادشاهہ جو ناظر هو، تنهن کي پنهنجي پاسي ڪري عرض ڪيائونس تہ اسان سان پرچاءُ ڪر، ڇالاءِ جو هنن کي بادشاهہ جي ملڪ مان سيڌو سامان پهچندو هو. Viz kapitolaHindu Sindhi Bible20 جيئن تہ هيروديس صور ۽ صيدا جي ماڻهن تي ڏاڍو ڪاوڙيل هو، تنهنڪري اتان جا ماڻهو هڪ ٽولو ٺاهي کيس پرچائڻ لاءِ وٽس آيا، ڇاڪاڻ تہ سندن شهرن جو دارومدار هيروديس جي ملڪ مان ملندڙ سيڌي سامان تي هو. انهن پهريائين محلات جي دربان بلاسطس کي پنهنجي پاسي ڪيو. Viz kapitolaMuslim Sindhi Bible20 جيئن تہ هيروديس صور ۽ صيدا جي ماڻهن تي ڏاڍو ڪاوڙيل هو، تنهنڪري اتان جا ماڻهو هڪ ٽولو ٺاهي کيس پرچائڻ لاءِ وٽس آيا، ڇاڪاڻ تہ سندن شهرن جو دارومدار هيروديس جي ملڪ مان ملندڙ سيڌي سامان تي هو. انهن پهريائين محلات جي دربان بلاسطس کي پنهنجي پاسي ڪيو. Viz kapitolaCommon Language New Testament20 ھيروديس بادشاھہ صور ۽ صيدا جي ماڻھن تي ڏاڍو ڪاوڙيل ھو. پر جيئن تہ ھنن کي بادشاھہ جي ملڪ مان سيڌو سامان ملندو ھو، تنھنڪري اھي ٽولو ٺاھي ساڻس ملڻ آيا. ان لاءِ پھريائين ھنن بلاسطس کي پنھنجي پاسي ڪيو، جيڪو بادشاھہ جي محلات جو دربان ھو. پوءِ ھيروديس کي عرض ڪيائون تہ ”اسان سان پرچاءُ ڪريو.“ Viz kapitola |