2.بادشاهَہ 5:7 - Sindhi Bible7 ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن اسرائيل جي بادشاهہ خط پڙهيو، تڏهن پنهنجا ڪپڙا ڦاڙي چوڻ لڳو تہ آءٌ ڪو خدا آهيان ڇا جو ماريان ۽ جيئاريان، جو هي ماڻهو هڪڙي ڪوڙهئي کي ڇُٽائي چڱي ڀلي ڪرڻ لاءِ مون ڏانهن ٿو موڪلي؟ پر ڀلائي ڪري ويچار ڪريو ۽ ڏسو تہ ڪيئن هو مون سان جهيڙي ڪرڻ لاءِ وجهہ ٿو ڳولي. Viz kapitolaMuslim Sindhi Bible7 جيئن ئي اسرائيل جي بادشاهہ خط پڙهيو تيئن ئي پنهنجا ڪپڙا ڦاڙي چيائين تہ ”آءٌ ڪو خدا آهيان ڇا جو ماريان ۽ جياريان! هي بادشاهہ ڇو هڪڙي ڪوڙهہ جهڙي چمڙي جي بيماريءَ ۾ ورتل ماڻهوءَ کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪرڻ لاءِ مون ڏانهن ٿو موڪلي؟ ڏسو تہ ڪيئن نہ هو مون سان جنگ ڪرڻ لاءِ وجھہ ٿو ڳولي.“ Viz kapitola |