Online Bible

- Reklamy -




2.ڪرنٿين 7:11 - Sindhi Bible

11 ڇالاءِ جو ڏسو، اها ئي ساڳي ڳالهہ تہ اوهان جي غمگيني خدا جي مرضيءَ موجب هئي، تنهن اوهان ۾ ڪهڙي نہ سرگرمي، ڪهڙي نہ عذرخواهي، ڪهڙي نہ غيرت، ڪهڙو نہ ڊپ، ڪهڙي نہ سڪ، ڪهڙو نہ شوق، ڪهڙو نہ انتقام پيدا ڪيو! هر طرح سان اوهان ثابت ڪري ڏيکاريو تہ انهي ڳالهہ ۾ اوهين آجا آهيو.

Viz kapitola kopírovat

Hindu Sindhi Bible

11 هاڻي ڏسو، اوهان جي غمگيني جيڪا ايشور جي مرضيءَ موجب هئي، تنهن اوهان ۾ ڪيڏو نہ اثر پيدا ڪيو. هائو، انهيءَ اوهان ۾ پنهنجي بچاءَ لاءِ ڪيڏي نہ سرگرمي، غلط ڪمن تي ڪيڏو نہ رنج، ايشور جو ڪيڏو نہ خوف، ڪيڏي نہ سڪ ۽ ڪيڏو نہ جذبو پيدا ڪيو ۽ اوهين ڏوهاريءَ کي سيکت ڏيڻ لاءِ ڪيڏا نہ تيار ٿيا. ائين اوهان هر طرح سان ثابت ڪري ڏيکاريو تہ اوهين هن معاملي ۾ بي‌ڏوهي آهيو.

Viz kapitola kopírovat

Muslim Sindhi Bible

11 هاڻي ڏسو، اوهان جي غمگيني جيڪا خدا جي مرضيءَ موجب هئي، تنهن اوهان ۾ ڪيڏو نہ اثر پيدا ڪيو. هائو، انهيءَ اوهان ۾ پنهنجي بچاءَ لاءِ ڪيڏي نہ سرگرمي، غلط ڪمن تي ڪيڏو نہ رنج، خدا جو ڪيڏو نہ خوف، ڪيڏي نہ سڪ ۽ ڪيڏو نہ جذبو پيدا ڪيو ۽ اوهين ڏوهاريءَ کي سيکت ڏيڻ لاءِ ڪيڏا نہ تيار ٿيا. ائين اوهان هر طرح سان ثابت ڪري ڏيکاريو تہ اوهين هن معاملي ۾ بي‌ڏوهي آهيو.

Viz kapitola kopírovat

Common Language New Testament

11 ڏسو، اوھان جي غمگيني جيڪا خدا جي مرضيءَ موجب ھئي، تنھن اوھان ۾ ڪھڙي نہ سرگرمي ۽ پاڻ کي بي⁠ڏوھي ثابت ڪرڻ لاءِ شوق پيدا ڪيو، ڪھڙي نہ رنجش، ڪھڙو نہ خوف، ڪھڙي نہ سڪ ۽ ڪھڙو نہ شوق پيدا ڪيو ۽ اوھين ڪھڙيءَ طرح بدڪار کي سيکت ڏيڻ لاءِ تيار ٿي ويا. اوھان ھر طرح سان ثابت ڪري ڏيکاريو تہ اوھين ھن معاملي ۾ بي⁠ڏوھي آھيو.

Viz kapitola kopírovat




2.ڪرنٿين 7:11

Následuj nás:

Reklamy


Reklamy