2.ڪرنٿين 10:15 - Sindhi Bible15 ۽ پنهنجي حد کان وڌيڪ فخر نٿا ڪريون، يعني ٻين ماڻهن جي پورهئي تي؛ پر اها اميد ٿا رکون تہ جيئن اوهان جو ايمان وڌندو ويندو، تيئن اسين بہ پنهنجي حد موجب اوهان جي ڪري اڃا وڌيڪ وڌندا وينداسين؛ Viz kapitolaHindu Sindhi Bible15 اسين اهڙي ڪم تي فخر ڪونہ ٿا ڪريون جيڪو ٻين جي محنت سان ٿيل آهي. ان ۾ بہ اسين مناسب حد جي اندر رهون ٿا. ان جي بدران اسين اميد ٿا رکون تہ جيئن جيئن اوهان جو وشواس وڌندو ويندو، تيئن تيئن اسان جي ڪم جو دائرو بہ مقرر ڪيل حد موجب اوهان ۾ وڌندو ويندو، Viz kapitolaMuslim Sindhi Bible15 اسين اهڙي ڪم تي فخر ڪونہ ٿا ڪريون جيڪو ٻين جي محنت سان ٿيل آهي. ان ۾ بہ اسين مناسب حد جي اندر رهون ٿا. ان جي بدران اسين اميد ٿا رکون تہ جيئن جيئن اوهان جو ايمان وڌندو ويندو، تيئن تيئن اسان جي ڪم جو دائرو بہ مقرر ڪيل حد موجب اوهان ۾ وڌندو ويندو، Viz kapitolaCommon Language New Testament15 اسين ٻين جي محنت تي حد کان وڌيڪ فخر نہ ٿا ڪريون، پر اميد ٿا رکون تہ جيئن جيئن اوھان جو ايمان وڌندو ويندو، تيئن تيئن اسان جو ڪم مقرر ڪيل حد مطابق اوھان ۾ وڌندو ويندو. Viz kapitola |