2.تواريخ 9:8 - Sindhi Bible8 خداوند تنهنجو خدا شل برڪت وارو هجي جنهن تو مان راضي ٿي توکي پنهنجي تخت تي ويهاريو آهي، تہ تون خداوند پنهنجي خدا جي طرفان بادشاهہ ٿين: ڇالاءِ جو تنهنجي خدا جي اسرائيل سان محبت هئي جو انهن کي هميشہ لاءِ قائم ڪيائين؛ تنهنڪري هن توکي انهن تي بادشاهہ مقرر ڪيو آهي تہ انهن جو انصاف ۽ عدالت ڪندو رهين. Viz kapitolaMuslim Sindhi Bible8 خداوند تنهنجي خدا جي واکاڻ هجي، جيڪو تو مان راضي آهي ۽ تو کي پنهنجي تخت تي ويهاريو اٿائين تہ تون خداوند پنهنجي خدا طرفان بادشاهہ ٿئين. جيئن تہ تنهنجي خدا جي بني اسرائيل سان محبت آهي ۽ کين هميشہ لاءِ قائم ڪرڻ گھري ٿو، تنهنڪري هن تو کي مٿن بادشاهہ بڻايو آهي تہ جيئن تون انصاف ۽ سچائي قائم رکين.“ Viz kapitola |