2.تواريخ 34:4 - Sindhi Bible4 ۽ هن پنهنجي روبرو بعليم جون قربانگاهون ڀڃي ڀوري وڌيون؛ ۽ سج جون مورتيون، جي سندن مٿان هيون، تن کي هن وڍي ڪيرائي ڇڏيو؛ ۽ يسيرتون ۽ اُڪريل مورتيون ۽ پلٽيل مورتيون هن ڀڃي پرزا پرزا ڪري ڇڏيون، ۽ خاڪ ڪري انهن جي قبرن تي پکيڙي ڇڏيائين، جن انهن تي قربانيون ٿي ڪيون. Viz kapitolaMuslim Sindhi Bible4 هن پنهنجي روبرو بعل ديوتائن جون قربانگاهون ڊهرائي ڇڏيون. انهن جي مٿان جيڪي لوبان ساڙڻ واريون قربانگاهون هيون سي بہ ڊهرائي ڇڏيائين. يسيرہ ديويءَ جا ٿنڀا، ۽ ٻيا سڀ بت ۽ مورتيون ڀڃائي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيائين. هن اهي ٽڪرا انهن جي قبرن تي پکيڙائي ڇڏيا جيڪي انهن تي قربانيون پيش ڪندا هئا. Viz kapitola |