2.تواريخ 31:10 - Sindhi Bible10 ۽ عزرياہ سردار ڪاهن، جو صدوق جي گهراڻي مان هو، تنهن ورندي ڏيئي چيو تہ جنهن وقت ماڻهو خداوند جي گهر ۾ نذرانا آڻڻ لڳا، تنهن وقت کان وٺي اسان پئي کاڌو آهي، ۽ ججهو ئي کاڌو اٿئون، ۽ گهڻو ئي باقي بچائي ڇڏيو اٿئون: ڇالاءِ جو خداوند پنهنجي قوم کي برڪت ڏني آهي، ۽ باقي جيڪي بچيو آهي سو هي وڏو انبار آهي. Viz kapitolaMuslim Sindhi Bible10 تڏهن عزرياہ سردار ڪاهن جيڪو صدوق جي گھراڻي مان هو، تنهن ورندي ڏيئي چيو تہ ”جڏهن کان ماڻهن خداوند جي گھر ۾ پنهنجا نذرانا آڻڻ شروع ڪيا آهن، تڏهن کان وٺي اسان جھجھو ئي پئي کاڌو پيتو آهي ۽ گھڻو ڪجھہ بچي بہ پيو آهي. جيئن تہ خداوند پنهنجيءَ قوم کي برڪت ڏني آهي، سو کاڌي کان پوءِ بہ هيترو سارو بچيو پيو آهي.“ Viz kapitola |