2.تواريخ 27:5 - Sindhi Bible5 هو بني عمون جي بادشاهہ سان بہ وڙهيو ۽ انهن تي غالب ٿيو. ۽ انهيءَ ساڳي سال ۾ بني عمون هن کي چانديءَ جا هڪ سؤ قنطار ۽ ڏهہ هزار ڪڻڪ جا ماڻ ۽ ڏهہ هزار جوَن جا ماڻ ڏنا. ايترو ئي ٻئي سال ۾، ۽ ايترو ئي ٽئين سال ۾، بني عمون هن کي پهچائي ڏنو. Viz kapitolaMuslim Sindhi Bible5 يوتام بني عمون جي بادشاهہ سان جنگ ڪئي ۽ فتح حاصل ڪيائين. انهي ئي سال بني عمون هن کي چانديءَ جا ساڍا ٽي هزار ڪلوگرام، ڪڻڪ جا ساڍا سترهن لک ڪلوگرام ۽ اوترا ئي جَوَن جا ڪلوگرام ڏنَ طور ڏياري موڪليا. ايترو ئي ڏنُ هنن ٻئي ۽ ٽئين سال پڻ وٽس موڪليو. Viz kapitola |