2.تواريخ 25:16 - Sindhi Bible16 ۽ هيئن ٿيو تہ هن سان ڳالهين ڪندي بادشاهہ هن کي چيو تہ اسان ڪو توکي بادشاهہ جو صلاحڪار مقرر ڪيو آهي ڇا؟ بس ڪر. ڇو ٿو مارجين؟ تڏهن انهيءَ نبيءَ بس ڪئي، ۽ چوڻ لڳو تہ مون کي خبر آهي تہ خدا توکي ناس ڪرڻ جو ارادو ڪيو آهي، جو تو هي ڪم ڪيو آهي ۽ منهنجي صلاح نہ ورتي اٿيئي. Viz kapitolaMuslim Sindhi Bible16 جيئن تہ اڃا هو بادشاهہ سان ڳالهائي رهيو هو تہ بادشاهہ وچ ۾ چيس تہ ”ڇا مون تو کي پنهنجو صلاحڪار بڻايو آهي؟ هاڻي بس ڪر تہ مارائي نہ ڇڏيانءِ.“ تڏهن نبيءَ کڻي بس ڪئي، پر ويندي ويندي بادشاهہ کي ائين چيائين تہ ”هاڻي مون کي معلوم ٿي ويو تہ خدا تو کي ناس ڪرڻ جو ارادو ڪيو آهي، ڇاڪاڻ تہ تو اهڙو ڪم ڪيو آهي ۽ منهنجي صلاح بہ ٻڌڻ نہ ٿو چاهين.“ Viz kapitola |