2.تواريخ 23:13 - Sindhi Bible13 ۽ هن نهاريو ۽ ڏٺائين تہ بادشاهہ دروازي وٽ پنهنجي ٿنڀ جي ڀرسان بيٺو آهي، ۽ سردار ۽ قرنائن وارا بادشاهہ جي ڀرسان بيٺا آهن؛ ۽ ملڪ جا سڀ ماڻهو خوشيون پيا ڪن ۽ قرنائون پيا وڄائين، ۽ ڳائڻ وارا بہ ساز پيا وڄائين، ۽ تعريف جا راڳ پيا ڳائين، تڏهن عتلياہ پنهنجا ڪپڙا ڦاڙي چوڻ لڳي تہ دغا، دغا. Viz kapitolaMuslim Sindhi Bible13 هن نهاري ڏٺو تہ نئون بادشاهہ هيڪل جي دروازي وٽ بادشاهن واري ٿنڀي جي ڀرسان بيٺو آهي ۽ لشڪر جا سالار ۽ توتارا وڄائڻ وارا بادشاهہ جي ڀرسان بيٺا آهن. هن ڏٺو تہ سڀيئي ماڻهو خوشيءَ وچان نعرا هڻي رهيا هئا ۽ شرنايون پئي وڄايائون ۽ ڳائڻ وارا بہ ساز وڄائي واکاڻ جا گيت ڳائڻ ۾ ماڻهن جي رهنمائي ڪري رهيا هئا. تڏهن عتلياہ راڻي جوش وچان پنهنجا ڪپڙا ڦاڙي رڙيون ڪري چوڻ لڳي تہ ”غداري! غداري! غداري!“ Viz kapitola |