1.سموئيل 26:5 - Sindhi Bible5 ۽ دائود اُٿيو، ۽ اُنهي هنڌ آيو جتي سائول جا تنبو لڳل هئا، ۽ دائود اُها جاءِ ڏٺي جتي سائول، ۽ سندس سپهہ سالار ابنير بن نير لٿل هئا: ۽ سائول گاڏين جي حد اندر سمهيو پيو هو، ۽ ماڻهو سندس چوڌاري تنبو هڻي لٿا پيا هئا. Viz kapitolaMuslim Sindhi Bible5 پوءِ دائود نڪري انهيءَ هنڌ آيو جتي سائول جا خيما لڳل هئا. هن اها جاءِ بہ ڏٺي جتي سائول ۽ سندس سپهہسالار ابنير ولد نير ستل هئا. سائول خيميگاهہ جي وچ واري جاءِ ۾ ستو پيو هو ۽ سندس ماڻهو سندس چوڌاري وارن خيمن ۾ ستا پيا هئا. Viz kapitola |