Online Bible

- Reklamy -




ڳاڻاٽو 7:12 - Muslim Sindhi Bible

12-83 سو انهن هن ترتيب سان پنهنجا نذرانا پيش ڪيا. پهرئين ڏينهن يهوداہ قبيلي جي سردار نحسون ولد عمينداب نذرانا پيش ڪيا. ٻئي ڏينهن اِسڪار قبيلي جي سردار نٿن‌ايل ولد صوعر نذرانا پيش ڪيا. ٽئين ڏينهن زبولون قبيلي جي سردار الياب ولد حيلون نذرانا پيش ڪيا. چوٿين ڏينهن روبن قبيلي جي سردار اليصور ولد شديور نذرانا پيش ڪيا. پنجين ڏينهن شمعون قبيلي جي سردار شلومي‌ايل ولد صوري‌شدي نذرانا پيش ڪيا. ڇهين ڏينهن جد قبيلي جي سردار الياسف ولد دعو‌ايل نذرانا پيش ڪيا. ستين ڏينهن افرائيم قبيلي جي سردار اليشمع ولد عميهود نذرانا پيش ڪيا. اٺين ڏينهن منسي قبيلي جي سردار جملي‌ايل ولد فداهصور نذرانا پيش ڪيا. نائين ڏينهن بنيامين قبيلي جي سردار ابيدان ولد جِدعوني نذرانا پيش ڪيا. ڏهين ڏينهن دان قبيلي جي سردار احيعزر ولد عميشدي نذرانا پيش ڪيا. يارهين ڏينهن آشر قبيلي جي سردار فجعي‌ايل ولد عڪران نذرانا پيش ڪيا ۽ ٻارهين ڏينهن نفتالي قبيلي جي سرادر احيرع ولد عينان نذرانا پيش ڪيا. نذرانا سڀني جا هڪجهڙا هئا: هڪڙو چانديءَ جو ٿالهہ جنهن جي تور عبادت‌گاهہ جي سڪي جي تور مطابق هڪ ڪلوگرام ۽ ٽي سؤ گرام هئي ۽ هڪڙو چانديءَ جو پيالو جنهن جي تور عبادت‌گاهہ جي سڪي جي تور مطابق ست سؤ گرام هئي. اهي ٻئي اناج جي قربانيءَ لاءِ تيل ۾ ڳوهيل ميدي سان ڀريل هئا. ان کان سواءِ هڪڙو سونو لوبان‌دان جنهن جي تور هڪ سؤ گرام هئي، جيڪو لوبان سان ڀريل هو، ساڙڻ واري قربانيءَ لاءِ هڪڙو وهڙو، هڪڙو گھٽو ۽ هڪڙو هڪسالو گھيٽو، پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ لاءِ هڪڙو ٻڪر، سلامتيءَ واري قربانيءَ لاءِ ٻہ ڏاند، پنج گھٽا، پنج ٻڪر ۽ پنج هڪسالا گھيٽا.

Viz kapitola kopírovat

Sindhi Bible

12 پهرئين ڏينهن يهوداهہ جي قبيلي مان عميناداب جي پٽ نحسون پنهنجو نذرانو پيش ڪيو.

Viz kapitola kopírovat




ڳاڻاٽو 7:12

Následuj nás:

Reklamy


Reklamy