مرقس 13:11 - Muslim Sindhi Bible11 جڏهن هو اوهان کي گرفتار ڪري ڪورٽن ۾ پيش ڪن تڏهن اها ڳڻتي نہ ڪجو تہ اوهان کي ڇا چوڻو آهي. جيڪي اوهان کي چوڻو هوندو سو انهيءَ مهل پاڻ ئي اوهان کي ٻڌايو ويندو، ڇاڪاڻ تہ جيڪي ڳالهيون اوهين ڪندا سي اوهان جون نہ، پر پاڪ روح جون هونديون. Viz kapitolaSindhi Bible11 ۽ جڏهن هو اوهان کي وٺي وڃي حوالي ڪن، تڏهن اڳيئي اهو فڪر نہ ڪجو تہ اسين ڇا چئون؟ پر جيڪي انهيءَ گهڙيءَ اوهان کي ڏنو وڃي سو چئجو: ڇالاءِ تہ ڳالهائيندڙ اوهين نہ هوندا پر پاڪ روح. Viz kapitolaHindu Sindhi Bible11 جڏهن هو اوهان کي گرفتار ڪري ڪورٽن ۾ پيش ڪن تڏهن اها ڳڻتي نہ ڪجو تہ اوهان کي ڇا چوڻو آهي. جيڪي اوهان کي چوڻو هوندو سو انهيءَ مهل پاڻ ئي اوهان کي ٻڌايو ويندو، ڇاڪاڻ تہ جيڪي ڳالهيون اوهين ڪندا سي اوهان جون نہ، پر پوِتر آتما جون هونديون. Viz kapitolaCommon Language New Testament11 جڏھن ھو اوھان کي گرفتار ڪري ڪورٽن جي حوالي ڪن تہ وقت کان اڳي ڳڻتي نہ ڪجو تہ اوھان کي ڇا چوڻو آھي. وقت اچڻ تي اوھان کي جيڪي ڪجھہ ٻڌايو وڃي سو ئي چئجو، ڇالاءِجو جيڪي لفظ اوھين ڳالھائيندا اُھي اوھان جا نہ پر پاڪ روح جا ھوندا. Viz kapitola |