Online Bible

- Reklamy -




مرقس 10:21 - Muslim Sindhi Bible

21 تڏهن عيسيٰ هن کي چتائي ڏٺو ۽ سندس دل ۾ هن لاءِ محبت پيدا ٿي. پوءِ چيائينس تہ ”تو ۾ اڃا هڪڙي گھٽتائي آهي. سو وڃ ۽ وڃي پنهنجي سموري ملڪيت وڪڻي اُهي پئسا غريبن ۾ خيرات ڪر. تڏهن خدا وٽ تو کي خزانو ملندو. سو خيرات ڪرڻ کان پوءِ اچي منهنجو پوئلڳ ٿيءُ.“

Viz kapitola kopírovat

Sindhi Bible

21 يسوع هن ڏانهن نظر ڪري کيس پيار ڪيو، ۽ چيائينس تہ اڃا تو ۾ هڪڙي گهٽتائي آهي: وڃ جيڪي اٿيئي سو وڪڻي غريبن کي ڏي، ۽ توکي آسمان ۾ خزانو ملندو: ۽ اچي منهنجو پوئلڳ ٿيءُ.

Viz kapitola kopírovat

Hindu Sindhi Bible

21 تڏهن يسوع هن کي چتائي ڏٺو ۽ سندس دل ۾ هن لاءِ پريم پيدا ٿيو. پوءِ چيائينس تہ ”تو ۾ اڃا هڪڙي گھٽتائي آهي. سو وڃ ۽ وڃي پنهنجي سموري ملڪيت وڪڻي اُهي پئسا غريبن ۾ دان ڪر. تڏهن ايشور وٽ تو کي خزانو ملندو. سو دان ڪرڻ کان پوءِ اچي منهنجو پوئلڳ ٿيءُ.“

Viz kapitola kopírovat

Common Language New Testament

21 عيسيٰ ھن کي چتائي ڏٺو ۽ ساڻس پيار ڪيو ۽ چيائين تہ ”تو ۾ اڃا ھڪڙي شيءِ جي گھٽتائي آھي. وڃ ۽ وڃي پنھنجو سڀ ڪجھہ وڪڻي اھي پيسا غريبن ۾ خيرات ڪر تہ بھشت ۾ تو کي خزانو ملندو. پوءِ اچ ۽ منھنجو پوئلڳ ٿيءُ.“

Viz kapitola kopírovat




مرقس 10:21

Následuj nás:

Reklamy


Reklamy