Online Bible

- Reklamy -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 9:35 - Muslim Sindhi Bible

35 پوءِ عيسيٰ آس‌پاس جي سڀني شهرن توڙي ڳوٺن ۾ گھمندو رهيو. اُتي هو عبادت‌خانن ۾ تعليم ڏيندو، آسمان جي بادشاهيءَ بابت خوشخبريءَ جي منادي ڪندو ۽ ماڻهن کي هر قسم جي مرضن ۽ بيمارين کان شفا ڏيندو رهيو.

Viz kapitola kopírovat

Sindhi Bible

35 پوءِ يسوع سڀني شهرن ۽ ڳوٺن ۾، ۽ عبادتخانن ۾ تعليم ڏيندو، ۽ بادشاهت جي خوشخبريءَ جي منادي ڪندو، ۽ سڀني قسمن جي مريضن، ۽ بيمارن کي ڇُٽائيندو گهُمندو رهيو.

Viz kapitola kopírovat

Hindu Sindhi Bible

35 پوءِ يسوع آس‌پاس جي سڀني شهرن توڙي ڳوٺن ۾ گھمندو رهيو. اُتي هو ڀڳتيءَ وارين جاين ۾ سکيا ڏيندو، آڪاش جي راڄ بابت خوشخبريءَ جو پرچار ڪندو ۽ ماڻهن کي هر قسم جي مرضن ۽ بيمارين کان ڇٽائي چڱو ڀلو ڪندو رهيو.

Viz kapitola kopírovat

Common Language New Testament

35 پوءِ عيسيٰ چوطرف شھرن ۽ ڳوٺن ۾ گھمندو رھيو. اُتي ھو سندن عبادت⁠خانن ۾ ماڻھن کي تعليم ڏيندو، بادشاھت جي خوشخبريءَ جي منادي ڪندو ۽ ھر قسم جي مرضن ۽ بيمارين کان شفا ڏيندو رھيو.

Viz kapitola kopírovat




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 9:35

Následuj nás:

Reklamy


Reklamy