Online Bible

- Reklamy -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 11:21 - Muslim Sindhi Bible

21 ”مصيبت آهي اوهان لاءِ اي خرازين شهر جا رهاڪؤ! ۽ مصيبت آهي اوهان لاءِ اي بيت‌صيدا شهر جا رهاڪؤ! ڇاڪاڻ تہ جيڪي معجزا اوهان ۾ ڪيا ويا آهن، سي جيڪڏهن صور ۽ صيدا جي شهرن ۾ ڪيا وڃن ها تہ ڪڏهن جو اتان جا ماڻهو کٿو ڍڪي ۽ مٿي ۾ خاڪ وجھي پنهنجن گناهن کان توبهہ ڪن ها.

Viz kapitola kopírovat

Sindhi Bible

21 افسوس توتي اي خورازين! افسوس توتي اي بيت صيدا! ڇالاءِ جو جيڪي معجزا اوهان ۾ ڪيا ويا، سي جيڪڏهن صور ۽ صيدا ۾ ڪيا وڃن ها، تہ جيڪر هن کان گهڻو اڳي هو کٿو ڍڪي ۽ رک لائي توبهہ ڪن ها.

Viz kapitola kopírovat

Hindu Sindhi Bible

21 ”مصيبت آهي اوهان لاءِ اي خرازين شهر جا رهاڪؤ! ۽ مصيبت آهي اوهان لاءِ اي بيت‌صيدا شهر جا رهاڪؤ! ڇاڪاڻ تہ جيڪي چمتڪار اوهان ۾ ڪيا ويا آهن، سي جيڪڏهن صور ۽ صيدا جي شهرن ۾ ڪيا وڃن ها تہ ڪڏهن جو اتان جا ماڻهو کٿو ڍڪي ۽ مٿي ۾ خاڪ وجھي پنهنجن پاپن کان توبهہ ڪن ها.

Viz kapitola kopírovat

Common Language New Testament

21 ”مصيبت آھي تو تي اي شھر خرازين! ۽ مصيبت آھي تو تي اي شھر بيت⁠صيدا! ڇالاءِ⁠جو جيڪي معجزا اوھان ۾ ڪيا ويا آھن سي جيڪڏھن صور ۽ صيدا ۾ ڪيا وڃن ھا تہ ڪڏھن جو اتان جا ماڻھو کٿو ڍڪي ۽ مٿي ۾ رک وجھي پنھنجن گناھن کان توبھہ ڪن ھا.

Viz kapitola kopírovat




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 11:21

Následuj nás:

Reklamy


Reklamy