يهوداہ 1:5 - Muslim Sindhi Bible5 جيتوڻيڪ اوهين اڳي ئي گنهگار قرار ڏيڻ وارا هي سڀ مثال ڄاڻو ٿا، تنهن هوندي بہ آءٌ اوهان کي ياد ڏيارڻ ٿو چاهيان تہ خداوند پنهنجي قوم کي مصر ملڪ مان ڪڍي بچائي ورتو، پر پوءِ وري انهن مان ئي جن مٿس ڀروسو نہ رکيو تن کي تباهہ ڪيائين. Viz kapitolaSindhi Bible5 هاڻي جيتوڻيڪ اوهان کي اڳيئي سڀني ڳالهين جي سُڌ آهي، تہ بہ اوهان کي ياد ڏيارڻ ٿو گهُران، تہ خداوند هڪڙيءَ اُمت کي مصر جي ملڪ مان صحيح سلامت ڪڍڻ کانپوءِ، جن ايمان نہ آندو، تن کي برباد ڪري ڇڏيو. Viz kapitolaHindu Sindhi Bible5 جيتوڻيڪ اوهين اڳي ئي پاپي قرار ڏيڻ وارا هي سڀ مثال ڄاڻو ٿا، تنهن هوندي بہ آءٌ اوهان کي ياد ڏيارڻ ٿو چاهيان تہ پرميشور پنهنجي قوم کي مصر ملڪ مان ڪڍي بچائي ورتو، پر پوءِ وري انهن مان ئي جن مٿس وشواس نہ رکيو تن کي تباهہ ڪيائين. Viz kapitolaCommon Language New Testament5 جيتوڻيڪ اوھين اڳي ئي اھو سڀ ڄاڻو ٿا، تنھن ھوندي بہ آءٌ اوھان کي ياد ڏيارڻ ٿو چاھيان تہ ڪيئن خداوند ھڪ قوم کي مصر ملڪ مان بچائي ورتو ۽ پوءِ وري جن ايمان نہ آندو تن کي تباھہ ڪيائين. Viz kapitola |