يشوع 23:14 - Muslim Sindhi Bible14 هاڻ آءٌ اوڏانهن وڃڻ وارو آهيان جتي دنيا جي هر ماڻهوءَ کي وڃڻو آهي. اوهين سڀيئي پنهنجين دلين ۾ ڄاڻو ٿا تہ خداوند خدا اهي سڀ چڱيون ڳالهيون پوريون ڪيون آهن، جن جو هن اوهان سان واعدو ڪيو هو. هر هڪ واعدو پورو ٿيو آهي، ڪوبہ نہ گُٿو آهي. Viz kapitolaSindhi Bible14 ۽ ڏسو، اڄ آءٌ انهيءَ پاسي ٿو وڃان جنهن پاسي سارو جهان وڃڻو آهي: ۽ اوهين سڀ پنهنجين دلين ۽ روح ۾ ڄاڻو ٿا، تہ جيڪي چڱيون ڳالهيون خداوند اوهان جي خدا اوهان جي نسبت ۾ ڪيون، تن مان هڪڙي ڳالهہ بہ نہ گُٿي آهي؛ سڀ اوهان جي لاءِ پوريون ٿيون آهن، ۽ هڪڙي ڳالهہ بہ انهن مان گهٽ نہ ٿي آهي. Viz kapitola |