Online Bible

- Reklamy -




عبرانين 13:17 - Muslim Sindhi Bible

17 اوهين پنهنجي اڳواڻن تي اعتماد رکندي سندن تابعدار رهو، ڇاڪاڻ تہ اهي اوهان جي روحاني فائدي لاءِ سجاڳ ٿا رهن ۽ خدا وٽ انهيءَ جو حساب ڏيڻ جا ذميوار آهن. سو اوهين ائين ڪريو، تہ جيئن هو اها ذميواري خوشيءَ سان پوري ڪن نڪي رنج سان، نہ تہ اوهان کي ڪو فائدو نہ ٿيندو.

Viz kapitola kopírovat

Sindhi Bible

17 جيڪي اوهان جا اڳواڻ آهن، تن جا تابعدار ۽ فرمانبردار رهو: ڇالاءِ جو هو اوهانجن روحن جي فائدي لاءِ انهن وانگر سجاڳ ٿا رهن، جن کي حساب ڏيڻو پوندو؛ تان تہ هو اِهو ڪم خوشيءَ سان ڪن، نہ رنج سان، ڇالاءِ جو انهيءَ طرح اوهان کي ڪوبہ فائدو ڪونهي.

Viz kapitola kopírovat

Hindu Sindhi Bible

17 اوهين پنهنجي اڳواڻن تي اعتماد رکندي سندن وس هيٺ رهو، ڇاڪاڻ تہ اهي اوهان جي آتمڪ فائدي لاءِ سجاڳ ٿا رهن ۽ ايشور وٽ انهيءَ جو حساب ڏيڻ جا ذميوار آهن. سو اوهين ائين ڪريو، تہ جيئن هو اها ذميواري خوشيءَ سان پوري ڪن نڪي رنج سان، نہ تہ اوهان کي ڪو فائدو نہ ٿيندو.

Viz kapitola kopírovat

Common Language New Testament

17 اوھين پنھنجي اڳواڻن جا فرمانبردار ۽ تابعدار ٿي رھو، ڇالاءِ⁠جو اھي اوھان جي روحاني فائدي لاءِ حساب ڏيندڙن وانگر سجاڳ ٿا رھن. سندن فرمانبرداري ڪريو، تہ جيئن ھو اھو ڪم خوشيءَ سان ڪن ۽ نہ رنج سان، نہ تہ اوھان کي ڪوبہ فائدو ڪونہ ٿيندو.

Viz kapitola kopírovat




عبرانين 13:17

Následuj nás:

Reklamy


Reklamy