2.بادشاهَہ 23:17 - Muslim Sindhi Bible17 تنهن کان پوءِ بادشاهہ پڇيو تہ ”هي مقبرو ڪنهن جو آهي جيڪو آءٌ ڏسان ٿو؟“ تنهن تي شهر جي ماڻهن کيس وراڻيو تہ ”اها ان خدا جي بندي جي قبر آهي جيڪو يهوداہ مان آيو هو ۽ جنهن اهي سڀ ڳالهيون اڳڪٿي ڪري ٻڌائي ڇڏيون هيون، جيڪي توهان بيتايل جي قربانگاهہ خلاف ڪيون آهن.“ Viz kapitolaSindhi Bible17 تڏهن هن چيو تہ اهو ڪهڙو يادگار آهي جو آءٌ ڏسان ٿو؟ ۽ شهر جي ماڻهن هن کي چيو تہ اها انهيءَ خدا جي مرد جي قبر آهي جو يهوداہ مان آيو هو، ۽ جنهن اهي سڀ ڳالهيون پڌريون ڪري ٻڌايون هيون، جي تو بيت ايل جي قربانگاهہ جي برخلاف ڪيون آهن. Viz kapitola |