2.بادشاهَہ 23:16 - Muslim Sindhi Bible16 پوءِ يوسياہ چوڌاري نظر ڦيرائي ڏٺو تہ هن کي اتي قبرون ڏسڻ ۾ آيون جيڪي انهيءَ ٽڪر تي هيون. هن ماڻهو موڪلي انهن قبرن مان هڏا ڪڍائي ورتا ۽ انهن کي قربانگاهہ تي ساڙائي ڇڏيائين. اهڙيءَ طرح هن انهيءَ قربانگاهہ جي بيحرمتي ڪئي. سو خدا جو جيڪو فرمان خدا جي بندي اڳڪٿي ڪندي ٻڌايو هو، سو پورو ٿيو. Viz kapitolaSindhi Bible16 ۽ جيئن يوسياہ منهن ڦيرايو تيئن هن جي نظر انهن قبرن تي پيئي جي انهيءَ جبل ۾ هيون؛ ۽ هن ماڻهو موڪلي انهن قبرن مان هڏا ڪڍائي ورتا، ۽ انهن کي قربانگاهہ تي ساڙيائين، ۽ انهيءَ کي پليت ڪيائين، جيئن ڪ خدا جي مرد، خداوند جي ڪلام موجب اهي ڳالهيون پڌريون ڪري ٻڌايون هيون. Viz kapitola |