2.بادشاهَہ 19:23 - Muslim Sindhi Bible23 تو پنهنجي قاصدن هٿان مون پروردگار جي توهين ڪرائي آهي. تو ٻٽاڪ هڻي چوايو آهي تہ ”آءٌ پنهنجي بيشمار جنگي گھوڙي گاڏين سان لبنان جي جبلن جي چوٽين بلڪ لبنان جي آخر تائين اچي پهتو آهيان. هائو، آءٌ لبنان جي ٻيلي منجھہ اندرين ڀاڱن تائين اچي پهتو آهيان، جتي مون انهيءَ ٻيلي جا ديال ۽ صنوبر جا ڊگھا ۽ عمدا وڻ وڍي ڇڏيا آهن. Viz kapitolaSindhi Bible23 پنهنجا قاصد موڪلي تو خداوند تي ملامت ڪئي آهي ۽ چيو اٿيئي تہ پنهنجن گهڻن رٿن سان آءٌ جبلن جي چوٽيءَ تي، لبنان جي تمام اندرين ڀاڱي ۾ گهڙي آيو آهيان؛ ۽ آءٌ انهيءَ جا ڊگها ديودار ۽ انهيءَ جا عمدا صنوبر جا وڻ وڍيندس: ۽ جيڪو هن جو سڀ کان پرانهون رهڻ جو هنڌ آهي، يعني سندس پيدائش وارين ٻنين جو ٻيلو آهي، تنهن ۾ گهڙندس. Viz kapitola |