Online Bible

- Reklamy -




2.ڪرنٿين 1:12 - Muslim Sindhi Bible

12 اسين صاف ضمير سان فخر ڪندي چئي سگھون ٿا تہ خدا کان مليل پاڪائيءَ ۽ سچائيءَ سان اسان زندگي گذاري آهي. اهڙو ورتاءُ اسان دنيا ۾ ۽ خاص ڪري اوهان سان ڪيو آهي. اسان ائين دنياوي ڏاهپ موجب نہ، بلڪ خدا جي فضل موجب ڪيو آهي.

Viz kapitola kopírovat

Sindhi Bible

12 ڇالاءِ جو اسان جو فخر هيءُ آهي، ۽ اسان جي دل بہ شاهدي ٿي ڏئي، تہ اسان دنيا ۾ ۽ خاص ڪري اوهان ۾ جيڪا هلت چلت ڪئي، سا جسماني ڏاهپ سان نہ، پر پاڪيزگيءَ، ۽ راستبازيءَ، ۽ خدا جي فضل سان.

Viz kapitola kopírovat

Hindu Sindhi Bible

12 اسين صاف ضمير سان فخر ڪندي چئي سگھون ٿا تہ ايشور کان مليل پوِترتائيءَ ۽ سچائيءَ سان اسان جيون گذاريو آهي. اهڙو ورتاءُ اسان سنسار ۾ ۽ خاص ڪري اوهان سان ڪيو آهي. اسان ائين سنساري ڏاهپ موجب نہ، بلڪ ايشور جي ڪرپا موجب ڪيو آهي.

Viz kapitola kopírovat

Common Language New Testament

12 اسان کي فخر آھي تہ اسان جو ضمير اسان کي پڪ ٿو ڏئي تہ اسان دنيا ۾ ۽ خاص ڪري اوھان سان جيڪو ورتاءُ ڪيو آھي، سو پاڪائيءَ ۽ سچائيءَ سان آھي. اھو سڀ ڪجھہ خدا جي طرفان آھي. اسان ائين دنياوي ڏاھپ موجب نہ، بلڪ خدا جي فضل موجب ڪيو آھي.

Viz kapitola kopírovat




2.ڪرنٿين 1:12

Následuj nás:

Reklamy


Reklamy