2.تواريخ 9:1 - Muslim Sindhi Bible1 جڏهن شبا جي راڻيءَ بادشاهہ سليمان جي ڏاهپ جي هاڪ ٻڌي، تڏهن هوءَ ڪجھہ ڏکيا سوال کڻي سليمان کي آزمائڻ لاءِ يروشلم ۾ آئي. هن سان گڏ وڏي تعداد ۾ نوڪر چاڪر هئا ۽ ساڻس گڏ مصالحن، گھڻي سون ۽ قيمتي هيرن جواهرن سان لڏيل اٺ پڻ هئا. هوءَ سليمان وٽ آئي ۽ جيڪي ڪجھہ سوچي آئي هئي، تنهن بابت هن کان پڇا ڳاڇا ڪيائين. Viz kapitolaSindhi Bible1 جڏهن سبا جي راڻيءَ سليمان جي ناموس ٻڌي، تڏهن هوءَ مشڪل سوالن سان سليمان جي امتحان وٺڻ لاءِ يروشلم ۾ آئي، ۽ ساڻس وڏو ساٿ هو، يعني مصالحن کڻڻ وارا اُٺ، ۽ نهايت گهڻو سون، ۽ قيمتي جواهر هئا؛ ۽ جڏهن هوءَ سليمان وٽ آئي تڏهن جيڪي دل ۾ هوس سو هن کي بيان ڪري ٻڌايائين. Viz kapitola |