2.تواريخ 6:37 - Muslim Sindhi Bible37-39 تہ تون هنن جي دعا ٻڌج. هائو، انهيءَ ملڪ ۾ جتي هو قيدي آهن، اتي جڏهن سندن دل ڦيرو کائي ۽ هو پشيمان ٿي پنهنجي پوريءَ دل وَ جان سان تو آڏو توبهہتائب ٿين ۽ سندن ابن ڏاڏن کي ڏنل ملڪ، تنهنجي چونڊيل شهر ۽ تنهنجي نالي جوڙايل هن گھر ڏانهن منهن ڪري منٿ ڪري چون تہ ’اسان گناهہ ڪيو آهي، اسان غلط ڪم ڪيو آهي، اسان بڇڙائي ڪئي آهي،‘ تہ تون انهن جي دعا ۽ منٿ پنهنجي عرش عظيم ۾ ٻڌج. پنهنجي قوم کي انهيءَ ڪيل گناهہ جي معافي ڏج ۽ سندن مدد ڪج. Viz kapitolaSindhi Bible37 تہ جي انهيءَ هوندي بہ هو جنهن زمين ۾ قيد ٿي کڄي ويا هجن، انهيءَ ۾ پاڻ سنڀالين، ۽ توبهہ ڪن، ۽ پنهنجي قيد ٿيڻ واري زمين ۾ توکي عرض ڪن، ۽ چون تہ اسان گناهہ ڪيو آهي، ۽ ڏنگو ڪم ڪيو آهي، ۽ شرارت سان هليا آهيون؛ Viz kapitola |